Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ ڪينيڊا جي زير اهتمام ڪينيڊا جي ٻن وڏن شهرن ۾ اهم سيمينارن جو انعقاد.


متحده قومي موومينٽ ڪينيڊا جي زير اهتمام  ڪينيڊا جي ٻن وڏن شهرن ۾ اهم سيمينارن جو انعقاد.
 Posted on: 6/2/2015 1
متحده قومي موومينٽ ڪينيڊا جي زير اهتمام  ڪينيڊا جي ٻن وڏن شهرن ۾ اهم سيمينارن جو انعقاد.
پاڪستان ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جو قيام ڇو ضروري آهي، جي عنوان تي اهل فڪر جو اظهار خيال.
ڪينيڊا؛ 2 جون 2015 
            ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام ڪينيڊا جي ٻن وڏن شهرن ٽورنٽو ۽ مانٽريال ۾ سيمينارن جو انعقاد ڪيو ويو جنهن جو موضوع هو“ پاڪستان ۾ نون انتظامي يونٽن جو قيام ڇو ضروري آهي” انهن تقريبات ۾ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب ۾ موجود شاعرن، اديبن، ليکڪن ۽ ٽيڪنوڪريٽن زور ڏيندي انتظامي يونٽن ۽ نون صوبن کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي قرار ڏنو. انهن وڌيڪ چيو ته انتظامي ورهاست سان ملڪ ڪمزور نه بلڪه مضبوط ٿيندو. ان موقعي تي اسڪرين تي هڪ وڊيو به ڏيکاري وئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي ڀيٽ پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي آرگنائيزر آصف قاضي خطاب ڪندي چيو ته نون انتظامي يونٽن جي سلسلي ۾ اڄ  ڪينيڊا کان باقائده مهم شروع ڪئي وئي آهي. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي پاڪستان جي ترقي جي خاطر ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏين ڇو ته ايم ڪيو ايم صرف صوبي جي نه پر پوري پاڪستان جي ڳالھ ڪري ٿي. 

7/17/2024 11:11:50 AM