Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خيبرپختونخواھ جي مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي 22 اميدوارن جي ڪاميابي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.


خيبرپختونخواھ جي مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي 22 اميدوارن جي ڪاميابي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.
 Posted on: 6/1/2015 1
خيبرپختونخواھ جي مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي 22 اميدوارن جي ڪاميابي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.
حق پرست اميدوارن جي ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي سڄي ملڪ جي مظلومن جي فتح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ پهرين جون 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خيبرپختونخواھ جي مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي 22  اميدوارن جي ڪاميابي تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي ۽ فرمايو آهي ته حق پرست اميدوارن جي ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي سڄي ملڪ جي مظلوم عوام جي فتح آهي. پنهنجي هڪ مبارڪباد جي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ حق پرست اميدوارن تمام تر تڪليفن ۽ مشڪلاتن جي باوجود ڪاميابي حاصل ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم ملڪ گير سطح جي جماعت آهي ۽ حق پرست اميدوارن جي ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي ايم ڪيو ايم تي لسانيت جي تهمت لڳائڻ وارين سياسي و مذهبي جماعتن جي رهنمائن جون اکيون کولي ڇڏيون آهن. انهن فرمايو ته ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ ڪيترن ئي تڪن تي عورتن کي ووٽ وجهڻ کان روڪيو ويو پر ان جي باوجود ايم ڪيو ايم جي 9 عورتن مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي جنهن تي مان انهن کي جرت، همت ۽ بهادري تي زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. انهن وڌيڪ فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي عورتن جي ڪاميابي ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته ڪي پي ڪي جون عورتون فرسوده روايتن ۽ جمهوريت جي ابتڙ ناجائز پابندين جو خاتمو چاهين ٿيون ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي حق پرستانه جدوجهد سان گڏ آهن. انهن فرمايو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کان پوءِ هاڻي ڪي پي ڪي ۾ به حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي غريب ۽ مظلوم عوام جو ايم ڪيو ايم تي کليل اعتماد جو مظهر آهي. انهن ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي تلقين ڪئي ته اهي ڪي پي ڪي جي عوام جي مسئلن ۽ مشڪلاتن جي حل جي لاءِ ڪائي به ڪثر باقي نه ڇڏين ۽ پنهنجين تمام تر صلاحيتن جو استعمال ڪري عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور عملي ڪردار ادا ڪن. انهن وڌيڪ فرمايو ته تاريخ گواھ آهي ته ايم ڪيو ايم تي جڏهن به حياتي تنگ ڪئي وئي ۽ ان کي ظلمن جو نشانو بڻايو ويو ته ايم ڪيو ايم به ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلجندي رهي ۽ انشاء الله تعالٰي ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوار پوري ڪي پي ڪي ۾ ايم ڪيو ايم جي حق پرستي جي پيغام کي فروغ ڏيندا. جناب الطاف حسين ڪي پي ڪي ۾ 22 اميدوارن جي ڪاميابي تي ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي به دلي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ فرمايو ته ذميوار ۽ ڪارڪن َ ثابت قدمي سان حق پرستي جي جدوجهد کي جاري رکن  انشاء الله تعالٰي فتح حق پرستن جو مقدر بڻجندي.

7/17/2024 11:07:27 AM