Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ اردو ڳالهائڻ وارن جي غير قانوني گرفتاري ۽ گم ڪرڻ جو لاپتا ماڻهن جو حڪومتي ڪميشن نوٽس وٺي. ايم ڪيو ايم جي لاپتا ماڻهن جي ڪميٽي جو انچارج بابر انيس.


ڪراچي ۾ اردو ڳالهائڻ وارن جي غير قانوني گرفتاري ۽ گم ڪرڻ جو لاپتا ماڻهن جو حڪومتي ڪميشن نوٽس وٺي. ايم ڪيو ايم جي لاپتا ماڻهن جي ڪميٽي جو انچارج بابر انيس.
 Posted on: 6/2/2015 1
ڪراچي ۾ اردو ڳالهائڻ وارن جي غير قانوني گرفتاري ۽ گم ڪرڻ جو لاپتا ماڻهن جو حڪومتي ڪميشن نوٽس وٺي. ايم ڪيو ايم جي لاپتا ماڻهن جي ڪميٽي جو انچارج بابر انيس.
ڪراچي؛ 2 جون 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي لاپتا ماڻهن جي ڪميٽي جي انچارج بابر انيس حڪومتي ڪميشن برائي لاپتا ماڻهن جي سربراھ جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال ۽ ٻين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي آڙ ۾ اردو ڳالهائڻ وارن سان ٿيندڙ ظلم کي بند ڪرائين ۽ انهن جي گم ڪرڻ جو سلسلو به ختم ڪرائين. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته گذريل ڪجھ مهينن جي دوران قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان 50 کان وڌيڪ اردو ڳالهائڻ وارن نوجوانن کي گم ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف اعلٰي عدالتن ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان لڳاتار معصوم اردو ڳالهائڻ وارن جي گم ڪرڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي جيڪا وڏي ڳڻتي جي ڳالھ آهي. انهن چيو ته ان سلسلي ۾ حڪومت جي طرفان قائم ڪيل انڪوائري ڪميشن برائي لاپتا ماڻهن، ڪراچي جي آفيس کان به ڪوئي خاطر خواھ جواب نه ملڻ جي ڪري 28 مئي 2015 تي هڪ اي ميل جي ذريعي اسلام آباد ۽ ڪراچي آفيسن ۾ 17 ماڻهن جا ڪوائف نامه موڪليا ويا آهن. جڏهن ته ٻيا ڪوائف نامه به جلد موڪليا ويندا. انهن  لاپتا ماڻهن جي حڪومتي ڪميشن کي اپيل ڪئي ته اها انهن گم ٿيل اردو ڳالهائڻ وارن کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي. 

6/30/2024 7:36:55 AM