Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خيبرپختونخواھ جي مڪاني اليڪشن ۾ پيش ايندڙ واقعا ملڪي تاريخ جا انتهائي افسوسناڪ واقعا آهن. حق پرست سينيٽر نگهت مرزٰي حنا. خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس.


خيبرپختونخواھ جي مڪاني اليڪشن ۾ پيش ايندڙ واقعا ملڪي تاريخ جا انتهائي افسوسناڪ واقعا آهن. حق پرست سينيٽر نگهت مرزٰي حنا. خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس.
 Posted on: 5/31/2015
خيبرپختونخواھ جي مڪاني اليڪشن ۾ پيش ايندڙ واقعا ملڪي تاريخ جا انتهائي افسوسناڪ واقعا آهن. حق پرست سينيٽر نگهت مرزٰي حنا.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 31 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر نگهت مرزٰي حنا خيبرپختونخواھ ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ سخت تحفظات جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪي پي ڪي جي مڪاني اليڪشن ۾ بدترين ڌاندلي، ڏاڍ ۽ اليڪشن جي قانونن جون ڌڄيون اڏائڻ ۽ عورتن کي ووٽ جي حق کان محروم رکڻ جو عمل ملڪ جي تاريخ جو هڪ بدترين واقعو آهي.جنهن جمهوريت جي نرسري چورائڻ وارن مڪاني اليڪشنن جي حسن کي ڦڪو ڪري وڌو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ حق پرست سينيٽرن تنوير الحق ٿانوي ۽ خوش بخت شجاعت سان گڏجي ڪيو. انهن چيو ته صوبي ۾ امن ۽ صاف ۽ شفاف اليڪشن جو انعقاد صوبائي حڪومت جي ذميواري هئي پر اها ان ۾ بري طرح سان ناڪام رهي آهي.تحريڪ انصاف جي هر صورت ۾ کٽڻ جي هوڏ جي ڪري اليڪشن جي دوران جهيڙا ٿيا جنهن ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻهو هلاڪ ٿي ويا ۽ 50 جي ويجهو ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. انهن چيو ته پهاڙ پور تعلقي کان ايم ڪيو ايم جي اميدوار جنيد طارق تي به تحريڪ انصاف جي اميدوار جي طرفان قاتلاڻه حملو ڪيو ويو. جڏهن ته مختلف شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جي پولنگ ايجنٽن کي بندوق جي زور تي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ انهن کي مارڪٽ به ڪئي وئي.انهن چيو ته تحريڪ انصاف سميت ٻيون جماعتون صوبي ۾ جناب الطاف حسين جي حق پرستي جي نظريي جي فروغ کان خوفزده آهن پر پوءِ به ايم ڪيو ايم جا19  اميدوار اتان ڪامياب ٿيا آهن. انهن چيو ته تحريڪ انصاف ۽ ٻيون سياسي و مذهبي جماعتون ڪي پي ڪي ۾ عورتن کي حقن کان محروم رکڻ چاهين ٿيون جيڪو انهن تي وڏو ظلم آهي. انهن چيو ته پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ جي يو آئي جي سربراھ مولانا فضل الرحمٰن ان ڳالھ جو اعتراف ڪيو آهي عورت ووٽرن جي لائينن ۾ مردن برقعا پائي ووٽ ڏنا آهن. انهن صدرپاڪستان ممنون حسين، وزير اعظم ميان نواز شريف، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي ڪي پي ڪي ۾ بدترين ڌاندلي جي شڪايتن تي تحريڪ انصاف جي حڪومت کان پچاڻو ڪن ۽ ڪي پي ڪي ۾ اليڪشن ڪالعدم قرار ڏيئي ڪري اتي ٻيهر غيرجانبدار مبصرن جي نگراني ۾ اليڪشن ڪرايا وڃن ۽ اليڪشن ۾ قتل و غارتگري ۽ ڌاندلي ڪرڻ وارن کي قانون جي مطابق سخت ترين سزا ڏيارين. هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا تنوير الحق ٿانوي ۽ خوش بخت شجاعت چيو ته ڪي پي ڪي ۾ عورتن کي ووٽ جي حق کان محروم رکڻ انتهائي افسوسناڪ ڳالھ آهي. 

7/17/2024 11:52:56 AM