ايم ڪيو ايم جي وفد شب برات جي سلسلي ۾ دعوت اسلامي جي اجتماع ۾شرڪت ڪئي ۽ جامعه بنوريه ۾ مفتي محمد نعيم سان به ملاقات ڪئي.
ڪراچي؛ پهرين جون 2015
متحده قومي موومينٽ جي وفد شب برات جي سلسلي ۾ دعوت اسلامي جي اجتماع ۾ شرڪت ڪئي ۽ جامعه بنوريه ۾ مفتي محمد نعيم سان ملاقات ڪئي. جامعه بنوريه ۾ مفتي نعيم ڳالھ ٻولھ ڪندي فرقي وارانه هم آهنگي جي لاءِ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته جناب الطاف حسين جون ڪاوشون ڪنهن کان به ڳجهيون نه آهن. ان موقعي تي مفتي نعيم ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري به ڪرائي. ايم ڪيو ايم وفد ۾ احمد سليم صديقي، علماء ڪميٽي جو انچارج جاويد احمد ۽ ٻيا به شامل هئا.