ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي انچارج ڪهف الورٰي شب برات جي موقعي تي عزيز آباد ۽ پاپوش نگر قبرستانن ۾ وڃي ڪري جناب الطاف حسين جي والدين ۽ حق پرست شهيدن جي قبرن تي حاضري ڏني ۽ فاتحه خواني ڪئي.
ڪراچي؛ 2 جون 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي انچارج ڪهف الورٰي ، رابطا ڪميٽي ميمبرن قمر منصور، عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ شبير احمد قائم خاني شب برات جي موقعي تي عزيز آباد ۽ پاپوش نگر قبرستانن ۾ وڃي ڪري جناب الطاف حسين جي والدين ۽ حق پرست شهيدن جي قبرن تي حاضري ڏني، انهن گلن جي چادر چڙهائي ۽ فاتحه خواني به ڪئي. ان موقعي تي سي اِي سي ميمبر به انهن سان گڏ هئا. ان کان پوءِ انهن عزيز آباد ۽ پاپوش نگر قبرستانن جو دورو ڪيو ۽ قبرستانن جو جائزو ورتو. اهي قبرستانن جي ٻاهران ڪي ڪي ايف جي ڪيمپن تي ويا ۽ اتي موجود رضاڪارن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو.