پاڪستان ۾ متعين جاپان جي فرسٽ سيڪريٽري ڪيٽسونوري اشيدا جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر سينيٽر نسرين جليل سان ملاقات.
ڪراچي؛ پهرين جون2015
پاڪستان ۾ متعين جاپان جي فرسٽ سيڪريٽري ڪيٽسونوري اشيدا جاپان جي قونصل جنرل مٽسوريو ڪوبائشي سان گڏجي خورشيد بيگم سيڪٽريٽ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر نسرين جليل سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سي اِي سي ميمبر ڪنور خالد يونس ۽ ميمبر قومي اسيمبلي رشيد گوڏيل به موجود هئا. جاپان جي فرسٽ سيڪريٽري ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو اچڻ تي خوشي جو اظهار به ڪيو ، ان موقعي تي انهن نسرين جليل سان ڳالھ ٻولھ ڪندي جمهوريت جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خدمتن کي ساراهيو. ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي فرسٽ سيڪريٽري ۽ ڪراچي ۾ متعين جاپان جي قونصل جنرل کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائشگاھ نائن زيرو ۽ شعبه اطلاعات جو دورو ڪرايو. آخر ۾ نسرين جليل وفد جي ميمبرن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي سوانح عمري تي ٻڌل ڪتاب به پيش ڪئي.