يم ڪيو ايم جي ميمبر سنڌ اسيمبلي سميتا افضال جي والده محترمه جبين افضال جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 31 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي سميتا افضال جي والده محترمه جبين افضال جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سميتا افضال سميت مرحومه جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي سميتا افضال جي والده محترمه جبين افضال جا درجات بلند فرمائي ۽ انهن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.