Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ حڪومت پاڻي بند ڪري مفت ٽينڪرن جي نالي تي ڪراچي جي عوام کي ذليل ڪري رهي آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور.


سنڌ حڪومت پاڻي بند ڪري مفت ٽينڪرن جي نالي تي ڪراچي جي عوام کي ذليل ڪري رهي آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور.
 Posted on: 6/1/2015 1
سنڌ حڪومت پاڻي بند ڪري مفت ٽينڪرن جي نالي تي ڪراچي جي عوام کي ذليل ڪري رهي آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور.
ڪراچي جي عوام کي پاڻي جي ضرورت آهي پر حڪومت ڪراچي جي عوام کي پاڻي وڏي رقم تي وڪڻي رهي آهي. عارف خان ايڊووڪيٽ.
ڪراچي ڪورنگي نمبر 5 ۾ پاڻي جي هٿرادو بحران جي خلاف مظاهري کي خطاب.
ڪراچي؛ پهرين جون 2015 
             ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور چيو آهي اسلام آباد ۾ ڪراچي جي ڏنل پيسن سان ميٽروبس سروس جو آغاز ته ڪيو ويو آهي پر ڪراچي ۾ عوام کي پاڻي ڏيڻ جي لاءِ پيسا نه آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن پاڻي جي هٿرادو بحران جي خلاف ڪورنگي نمبر 5 ۾ هڪ وڏي عوامي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر، اسيمبلي ميمبر ۽ عوام جي وڏي تعداد موجود هئي. مظاهري کي خطاب ڪندي قمر منصور چيو ته پي پي هجي، ن ليگ هجي يا ڪنهن جي به حڪومت هجي ان ڪراچي جي نوجوانن کي نوڪريون نه ڏنيون آهن، ڪنهن به حڪومت ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرايا آهن، ڪراچي جي عوام کي ماس ٽرانزٽ سسٽم نه ڏنو آهي، انهن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي نوجوانن کي اغوا ڪري انهن سان بدفعلي ڪري انهن جا ڳلا ڪٽيا ويا، پر انهن ڪراچي جي مظلومن جي لاءِ ڪنهن به آواز نه اٿاري آهي. انهن چيو ته ڪراچي وارن کي اندرا گاندي جي اولاد، را جو ايجنٽ ۽ بکيا ۽ ننگا چيو ويو ، غدار چيو ويو پر ڪراچي وارن کي ڪوئي به محبت وطن نه ٿو چوي. پر جڏهن وري انهن کان ووٽ يا نوٽ وٺڻا هجن ته اهي ئي ڪراچي وارا سٺا لڳڻ لڳن ٿا. رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان چيو ته جڏهن ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت هئي ته ڪراچي ۾  ڪوئي به پاڻي جو بحران نه هو پر اڄ سنڌ حڪومت تعصب ۽ نفرت جي بنياد تي ڪراچي وارن کي پاڻي جي بحران ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. انهن وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪراچي وارن کي پاڻي نه ڏنو ته اهي پاڻي ۽ پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوءِ ڪنهن ڏانهن به نه ڏسندا ۽ پنهنجا حق حاصل ڪري ئي رهندا. ميمبر قومي اسيمبلي علي راشد چيو ته جيڪي سياسي جماعتون ڪراچي جي نالي تي سياست ڪن ٿيون اهي ڪراچي ۾ پاڻي جي بحران جي لاءِ روڊن تي نه نڪري رهيون آهن انهن کي شرم اچڻ گهرجي. ميمبر سنڌ اسيمبلي عامر معين پيرزادي چيو ته اڄ جي جديد دنيا ۾ پاڪستان کي پالڻ واري شهر کي پاڻي جي لاءِ ترسايو پيو وڃي، جيڪا انتهائي افسوس ناڪ ڳالھ آهي. انهن چيو ته ڪراچي وارا بانيان پاڪستان جي اولاد آهن ۽ انهن پاڪستان ان جي ڪري نه بڻايو هو ته انهن جي اولادن کي پاڻي جهڙي نعمت جي لاءِ تڙپايو وڃي. ميمبر سنڌ اسيمبلي سيد وقار شاھ چيو ته ڪراچي جا عوام هن وقت پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن پر اهي پنهنجا حق ڇڻڻ به ڄاڻين ٿا. ميمبر سنڌ اسيمبلي خالد افتخار چيو ته ڪراچي جي عوام کان ٽيڪس جي مد ۾ کربين روپيا وصول ڪيا پيا وڃن ٿا پر ڪراچي وارن کي پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي.مظاهري کي سنڌ اسيمبلي ميمبر شيراز وحيد به خطاب ڪيو. 

7/17/2024 11:52:26 AM