Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اي اين پي رهنما ميان افتخار حسين کي هٿڪڙيون هڻي ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


اي اين پي رهنما ميان افتخار حسين کي هٿڪڙيون هڻي ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 6/1/2015 1
اي اين پي رهنما ميان افتخار حسين کي هٿڪڙيون هڻي ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ پهرين جون 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اي اين پي جي سينيئر ۽ بزرگ رهنما ميان افتخار حسين کي هٿڪڙيون هڻي ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان عمل کي پاڪستان جي مشرقي روايتن ۽ تهذيب جي بلڪل خلاف قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ميان افتخار حسين تي لڳايل الزام سچا يا ڪوڙا ان جو فيصلو عدالت ڪندي ، پاڪستان جو قانون پنهنجي جڳھ تي پر اسان جون مشرقي روايتون ۽ تهذيب به پنهنجي جڳھ تي آهن. هڪ بزرگ سياسي رهنما کي هٿڪڙيون هڻي ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ پاڪستان جي مشرقي روايتن ۽ تهذيب جي منھ تي چماٽ آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ ڪي پي ڪي جي وزير اعلٰي پرويز خٽڪ کان مطالبو ڪيو آهي ته اي اين پي رهنما ميان افتخار حسين کي هٿڪڙيون هڻي ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو نوٽس ورتو وڃي. 

6/30/2024 7:36:30 AM