خيبرپختونخواھ جي مڪان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن جو تعداد 22 ٿي ويو آهي. ايم ڪيو ايم جو اعلان.
ڪراچي؛ پهرين جون 2015
صوبي خيبرپختونخواھ ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جو تعداد 22 ٿي ويو آهي، جن ۾ 9 عورتون به شامل آهن. جن علائقن کان ايم ڪيو ايم جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن انهن جا نالا هي آهن. ايبٽ آباد کان 2، ضلع چترال کان 2، ضلع صوابي کان 2 ،ڊيره اسماعيل خان، هري پور ۽ ضلع سوات سميت ضلع بنون کان 12 حق پرست اميدوارن فتح حاصل ڪئي آهي. ضلع سوات تعلقي بحرين کان سهيل وهاب يونين ڪائونسل جا وائيس چيئرمين چونڊجي ويا آهن. ضلع چترال کان نسيمه بي بي جنرل ڪائونسلر، محمد نواز چيئرمين وليج، ضلع صوابي کان امجد خان جنرل ڪائونسلر،اعجاز يوٿ ڪائونسلر، ايبٽ آباد کان سرفراز خان جنرل ڪائونسلر، پروين اختر ڪائونسلر، ڊيره اسماعيل خان کان صلاح الدين جنرل ڪائونسلر ، هري پور کان اسرار احمد خان جنرل ڪائونسلر، عصمت الله خان يوسي طلب عباس منڊان کان هاري ڪائونسلر، ناهيده اختر تعلقي ڪنگر کان ڪائونسلر ۽ دلفراز يوسي مندووي کان عورت ڪائونسلر چونڊجي ويون آهن.