ڪراچي ۾ بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪي اليڪٽرڪ جي نااهل انتظاميه بجلي جي بحالي جي لاءِ ڪنهن به قسم جا قدم نه کڻي رهي آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 21 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي شهر هڪ ميگاسٽي شهر آهي پر بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون جي ڪري ڪراچي جا تقريبن سڀئي علائقا اونڌھ ۾ ٻڏي ويا. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ اهم تنصيبات موجود آهن جنهن جي حفاظت جي لاءِ بجلي جي فراهمي انتهائي ضروري آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي بحالي لاءِ ڪنهن به قسم جا قدم نه کڻي ڪري رهي آهي جنهن جي ڪري اهي ذهني اذيت جو شڪار آهن. رابطا ڪميٽي صدر ممنون حسين، وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير برائي پاڻي و بجلي کان مطالبو ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي انتطاميه کان پچاڻو ڪيو وڃي ته ايترو ڊگهو بريڪ ڊائون ڇو ٿيو.