Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايف آئي آر درج ڪرائڻ کان پوءِ اسان کي يقين آهي ته مولانا عبدالعزيز جي خلاف قانوني ڪاروائي جلد کان جلد ڪئي ويندي.پاڪستان رابطا ڪميٽي انچارج قمر منصور.


ايف آئي آر درج ڪرائڻ کان پوءِ اسان کي يقين آهي ته مولانا عبدالعزيز جي خلاف قانوني ڪاروائي جلد کان جلد ڪئي ويندي.پاڪستان رابطا ڪميٽي انچارج قمر منصور.
 Posted on: 12/21/2014
ايف آئي آر درج ڪرائڻ کان پوءِ اسان کي يقين آهي ته مولانا عبدالعزيز جي خلاف قانوني ڪاروائي جلد کان جلد ڪئي ويندي.پاڪستان رابطا ڪميٽي انچارج قمر منصور.
عزيز آباد ٿاڻي ۾ مولانا عبدالعزيز جي خلاف ايف آئي آر درج ڪرائڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ.
ان کان اڳ رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ مولانا عبدالعزيز جي خلاف ايف آئي آر ڪٽرائي.
ڪراچي؛ 21 ڊسمبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور چيو آهي ته ايم ڪيو ايم آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي جناب الطاف حسين جي خلاف مولانا عبدالعزيز جي ڌمڪي واري وڊيو بيان جي خلاف عزيز آباد ٿاڻي ۾ ايف آئي آر درج ڪرائي ڇڏي آهي. جنهن جو نمبر 2014 .304 آهي ۽ اسان کي يقين آهي ته مولانا عبدالعزيز جي خلاف قانوني ڪاروائي جلد کان جلد ڪئي ويندي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايف آئي آر ڪٽرائڻ کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر نصرت، عارف خان ايڊووڪيٽ، اسلم آفريدي، حق پرستسينيٽر ۽ ٻيا به موجود هئا.قمر منصور چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سڀني کان پهرين ظلم جي خلاف آواز بلند ڪئي آهي ۽ انهن قرآن پاڪ جي 28 هين سيپاري جي سوره المنافقون جي آيتن کي سامهون رکندي منافقن جي باري ۾ ٻڌايو آهي. انهن چيو ته مولانا عبدالعزيز پنهنجي ڌمڪي واري ويڊيو بيان ۾ اسلام آباد جي سول سوسائٽي جي مظاهري تي الزام لڳايو ته اهو مظاهرو شيعن ڪيو آهي جڏهن ته ميڊيا پاڻ ان ڳالھ جو شاهد آهي ته سول سوسائٽي جي مظاهري ۾ هر طبقي جا ماڻهو شامل هئا.انهن چيو ته مولانا عبدالعزيز  پنهنجي ويڊيو بيان ۾ جناب الطاف حسين کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني آهي جنهن سان جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن ۾ وڏي ڪاوڙ جي لهر پاتي وڃي ٿي. انهن پاڪ فوج کان مطالبو ڪيو ته آپريشن ضرب عضب جو دائرو پوري ملڪ ۾ ڦيلايو وڃي ۽ لال مسجد سميت جيتريون به مسجد ضرار آهن انهن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.ان کان اڳ رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ مولانا عبدالعزيز جي خلاف عزيز آباد ٿاڻي ۾ ايف آئي آر درج ڪرائي.


7/17/2024 11:53:31 PM