Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ فوجي عدالتن جي قيام جي ڪنهن به قيمت تي حمايت نه ڪندي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


 Posted on: 12/24/2014

ايم ڪيو ايم دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ فوجي عدالتن جي قيام جي ڪنهن به قيمت تي حمايت نه ڪندي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
فوجي عدالتون قائم ڪرڻ کان بهتر آهي ته پوري ملڪ ۾ مارشلا نافذ ڪري ڇڏجي.
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي، حق سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلين جي ميمبرن جو هنگامي اجلاس.ملڪ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛ 24 ڊسمبر 2014
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن ۽ اسلام آباد ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو هڪ هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته ايم ڪيو ايم ملڪ کان دهشت گردي جو مڪمل خاتمو چاهي ٿي ۽ اها سمجهي ٿي ته دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ تمام تر رياستي وسيلا استعمال ڪيا وڃن. اجلاس ۾ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ فوجي عدالتن جي قيام جي ڪنهن به قيمت تي حمايت نه ڪندي. رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪڏهن سول حڪومت دهشت گردي جي خلاف نڀرڻ کان قاصر آهي ته اها پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪندي اقتدار ڇڏي ڏي، فوجي عدالتون قائم ڪرڻ کان بهتر آهي ته پوري ملڪ ۾ مارشلا نافذ ڪري ڇڏجي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بقا و سلامتي ، عوام جي جان و مال جي تحفظ ۽ مذهب جي نالي تي دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ ملڪ ۾ مارشلا جي نفاذ جي حمايت ته ڪري سگهي ٿي پر فوجي عدالتون قائم ڪرڻ  جي حمايت نه ٿي ڪري سگهي.


7/17/2024 11:52:03 PM