بانيء پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي اعتدال پسند ۽ روشن خيال اسلامي فلاحي رياست جي تصور کي عملي طور تي فروغ ڏنو وڃي نه ته دهشت گردي ۽ انتها پسندي جو عذاب ملڪ و قوم کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي سگهي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
قائد اعظم اهڙو پاڪستان چاهيندا هئا جنهن ۾ مذهبي اقليتن کي به جان و مال جو تحفظ ۽ عبادت ڪرڻ جي آزادي حاصل هجي.
بانيء پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي يوم پيدائش جي موقعي تي بيان.
لنڊن؛ 24 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته بانيء پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي اعتدال پسند ۽ روشن خيال اسلامي فلاحي رياست جي تصور کي عملي طور تي فروغ ڏنو وڃي نه ته دهشت گردي ۽ انتها پسندي جو عذاب ملڪ و قوم کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي سگهي ٿو.قائد اعظم جي يوم پيدائش جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته قائد اعظم جي پوري زندگي جدوجهد سان معمور هئي ۽ اهي اهڙو پاڪستان چاهيندا هئا جنهن ۾ مذهبي اقليتن کي به جان و مال جو تحفظ ۽ عبادت ڪرڻ جي آزادي حاصل هجي. پنهنجن آخري ڏينهن ۾ به قائد اعظم انساني ڀلائي جي لاءِ جدوجهد جاري رکي پر افسوس جو اڄ انهن جي نظرين جي مطابق بڻايل فلاحي اسلامي رياست پاڪستان دهشت گردي ۽ انتها پسندي جي ور چڙهيل آهي. ڇو ته بحيثيت قوم اسان قائد اعظم جي فرمانن ۽ نظريات تي سنجيدگي سان عمل پيرا نه آهيون. انهن فرمايو ته ملڪ جي موجوده نازڪ حالتن ۾ قائد اعظم جي فڪرن ۽ نظريات کي ڦيلائڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي جيتري ضرورت اڄ آهي ان کان اڳ ڪڏهن به نه هئي. انهن فرمايو ته اسان قائد اعظم جي پيغام اخوت،اتحاد ۽ يڪجهتي جي سنهري اصولن تي عمل ڪري پاڪستان کي دهشت گردي جي عذاب سميت تمام بحرانن ۽ مسئلن مان ڪڍي سگهون ٿا.