Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناح اسپتال جي ملازمن جا مطالبا منظور ڪيا وڃن ۽ انهن کي انهن جي الائونسن سميت سموريون رهتون ادا ڪيون وڃن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


جناح اسپتال جي ملازمن جا مطالبا منظور ڪيا وڃن ۽ انهن کي انهن جي الائونسن سميت سموريون رهتون ادا ڪيون وڃن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 12/26/2014
جناح اسپتال جي ملازمن جا مطالبا منظور ڪيا وڃن ۽ انهن کي انهن جي الائونسن سميت سموريون رهتون ادا ڪيون وڃن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 26 ڊسمبر 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جناح اسپتال جي ملازمن جا مطالبا منظور ڪيا وڃن ۽ انهن کي انهن جي الائونسن سميت سموريون رهتون ادا ڪيون وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته جناح اسپتال جنهن کي 18 هين ترميم جي ذريعي سنڌ حڪومت جي تحويل ۾ ڏنو ويو آهي پر سنڌ حڪومت ان جي ملازمن جي مسئلن تي ڪائي به توجه نه ڏيئي رهي آهي.جنهن جي ڪري ان جي ڪارڪردگي ڏينهون ڏينهن متاثر ٿي رهي آهي ۽ انهن کي الائونس ۽ ٻيون رهتون به ادا نه ڪيون پيون وڃن.جنهن جي ڪري جناح اسپتال جو پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ ملازم روڊن تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن.رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت جناح اسپتال کي سنڀالي نه ٿي سگهي ته اها اسپتال کي وفاقي حڪومت کي واپس ڪري ڇڏي. رابطا ڪميٽي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها جناح اسپتال جي صورتحال تي فوري طور تي توجه ڏي ۽ ملازمن جا مطالبا منظور ڪري انهن کي سمورا الائونس ۽ ٻيون رهتون به ادا ڪيون وڃن.

7/17/2024 11:48:14 PM