مولانا عبدالعزيز جي جناب الطاف حسين جي خلاف ڌمڪي واري ويڊيو بيان جي خلاف خيبرپختونخواھ جي مختلف پريس ڪلبن جي ٻاهران ايم ڪيو ايم جا زبردست مظاهرا.
پشاور؛ 21 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ خيبرپختونخواھ جي زير اهتمام لال مسجد جي خطيب مولانا عبدالعزيز جي جناب الطاف حسين جي خلاف ڌمڪي واري وڊيو بيان جي خلاف مختلف پريس ڪلبن جي ٻاهران زبردت احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.جن ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.مظاهرن جي شرڪاء کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نوبت خان چيو ته جناب الطاف حسين جي خلاف مولانا عبدالعزيز جو بيان نفرت تي ٻڌل آهي ۽ ان مان نفرت ۽ غداري جي بو اچي رهي آهي. انهن چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته مولانا عبدالعزيز کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ لال مسجد سميت اهڙين مسجد ضرار ۽ مدرسن جي خلاف جلد کان جلد ڪاروائي ڪئي وڃي.مظاهرن کي ٻين به خطاب ڪيو.