Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪرسمس جي ڏڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم مسيحي ڀائرن کي دلي مبارڪباد پيش.


ڪرسمس جي ڏڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم مسيحي ڀائرن کي دلي مبارڪباد پيش.
 Posted on: 12/24/2014
ڪرسمس جي ڏڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم مسيحي ڀائرن کي دلي مبارڪباد پيش.
مسيحي ڀائر ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجين عبادتن ۾ سانحه پشاور جي شهيدن جي بلند درجات ۽ ملڪ کان دهشت گردي ۽ انتها پسندي جي خاتمي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن ؛ 24 ڊسمبر 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم مسيحي ڀائرن کي انهن جي مذهبي ڏڻ ڪرسمس جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي ۽ مسيحي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجين عبادتن ۾ سانحه پشاور جي شهيدن جي بلند درجات ۽ ملڪ کان دهشت گردي ۽ انتها پسندي جي خاتمي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون. ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ انهن فرمايو ته حضرت عيسٰي عليه السلام دنيا کي امن و پيار و محبت ۽ انسانيت جي احترام جو درس ڏنو آهي ۽ اڄ  سڄي دنيا ۾ امن و محبت، انسانيت جي احترام ۽ مذهبي رواداري جي انهي پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن فرمايو ته مسيحي ڀائرن جي لاءِ ڪرسمس خوشي جو پيغام آهي پر ٻين مذهبن جي مڃڻ وارن کي به ان جو احترام ڪرڻ گهرجي. ڇو ته احترام جي انهي عمل سان ئي انسانن جو پاڻ ۾ رابطو، اتحاد ۽ ڀائيچارو جنم وٺي ٿو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم تمام مذهبن جي مڃڻ وارن جو احترام ڪري ٿي ۽ چاهي ٿي ته ملڪ ۾ مذهبي رواداري فروغ پائي ته جيئن ملڪ ۾ مذهبي اقليتن کي به انهن جا جائز حق حاصل ٿين ۽ انهن کي جائز مقام ملي.

6/30/2024 11:25:18 AM