Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي چيف جنرل رضوان اختر سرڪاري زمينن جي لٽ مار ۽ ڪرپشن جي روڪٿام جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي چيف جنرل رضوان اختر سرڪاري زمينن جي لٽ مار ۽ ڪرپشن جي روڪٿام جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/26/2014
آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي چيف جنرل رضوان اختر سرڪاري زمينن جي لٽ مار ۽ ڪرپشن جي روڪٿام جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
مذهبي انتهاپسندي وانگر ڪرپشن جي لعنت به ملڪ کي اڏهي وانگر چٽي رهي آهي.
ايم ڪيو ايم جا سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ان معاملي کي ايوانن ۾ اٿارين.رابطا ڪميٽي سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 26 ڊسمبر 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي چيف جنرل رضوان اختر کي اپيل ڪئي آهي ته ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي سان گڏو گڏ سرڪاري زمينن جي لٽ مار ۽ ڪرپشن جي لعنت جي روڪٿام جي لاءِ به فوري طور تي قدم کڻڻ. انهن اها اپيل اڄ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.جناب الطاف حسين فرمايو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي چيف جنرل رضوان اختر ۽ پاڪ فوج جي قيادت ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ مذهبي انتها پسند دهشت گردن جي خلاف جنهن جرت ۽ بهادري سان قدم کڻي رهي آهي اهي قابل تحسين آهن.انهن آرمي چيف ۽
آئي ايس آئي چيف کي اپيل ڪئي ته اهي دهشت گردي جي خاتمي سان گڏو گڏ جيڪڏهن اهي پاڪستان خصوصن ڪراچي ۾ قيمتي سرڪاري زمينن جي ٽڪي مل خريد و فروخت ۽ ڪرپشن جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ قدم کڻڻ ته اهو ملڪ تي احسان ٿيندو، ڇو ته جهڙي طرح مذهبي انتها پسند عناصر ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهن. اهڙي طرح ڪرپشن جي لعنت به ملڪ کي اڏهي وانگر چٽي رهي آهي. ان جي ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته دهشت گردن سان سختي سان نڀرڻ سان گڏو گڏ سرڪاري زمينن جي ٽڪي مل خريد و فروخت ڪندڙن جي خلاف به سخت کان سخت قدم کنيا وڃن. ڀلي اهي ڪنهن به عهدي تي فائز هجن ۽ ڪيترائي بااثر ڇو نه هجن. اهڙن ماڻهن جي خلاف ڪاروائي جي لاءِ فوري طور تي خصوصي قدم کنيا وڃن ته جيئن ملڪ  ڪرپشن جي لعنت کان پاڪ ٿئي. انهن ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي چيو ته اهي به ان معاملي کي ايوانن ۾ اٿارين.

6/30/2024 11:20:11 AM