Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جنرل راحيل شريف ٻن سالن جي لاءِ پاڪستان جي ڪمان سنڀالين ۽ قومي دولت لٽڻ وارن جو بي رحم احتساب ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


جنرل راحيل شريف ٻن سالن جي لاءِ پاڪستان جي ڪمان سنڀالين ۽ قومي دولت لٽڻ وارن جو بي رحم احتساب ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/24/2014
جنرل راحيل شريف ٻن سالن جي لاءِ پاڪستان جي ڪمان سنڀالين ۽ قومي دولت لٽڻ وارن جو بي رحم احتساب ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
فوجي عدالتن جي قيام کان بهتر آهي ته حڪومت ملڪ ۾ مارشلا نافذ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏي.
اسان جي شهيدن جا جنازا عورتن کنيا ان جي باوجود به اسان پاڪستان زنده باد جا نعرا لڳائڻ نه ڇڏيا.
نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ عالمن سڳورن، دانشورن، ليکڪن ۽ اينڪرپرسنن کي خطاب.
لنڊن؛ 24 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته دنيا جي ڪائي به فوج اڪيلي سر پنهنجي ملڪ کي بچائي نه ٿي سگهي جيستائين ان ملڪ جا عوام پنهنجي فوج جو ساٿ نه ڏين.فوجي عدالتن جي قيام کان بهتر آهي ته حڪومت ملڪ ۾ مارشل لاء نافذ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏي. اها ڳالھ انهن اڄ لال قلعه گرائونڊ ۾ تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن، تاريخ دانن، دانشورن، ليکڪن، اينڪر پرسنن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي خطاب ڪندي فرمائي.اجتماع کي خطاب ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ وزير اعظم ميان نواز شريف جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ٿي رهيو آهي جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، آئي ايس آئي سربراھ جنرل رضوان اختر ۽ ٻيا فوجي آفيسر به شريڪ آهن. ان اجلاس ۾ بحث ڪئي پئي وڃي ته دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ فوجي عدالتون لڳايون وڃن يا نه لڳايون وڃن. انهن فرمايو ته جيڪڏهن غير جمهوري رستو اختيار ڪرڻو آهي ۽ سول حڪومت کان امن و امان جو مسئلو حل نه ٿي رهيو آهي ته فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جي بجاءِ جتي سو مارشلا لڳا آهن اتي هڪ ٻيو سهي. فوجي عدالتن جي قيام کان بهتر آهي ته حڪومت ملڪ ۾ مارشلا  نافذ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏي. انهن فرمايو ته ملڪ انتهائي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي ۽ پاڪ فوج انتها پسند دهشت گردن سان مقابلو ڪري رهي آهي.ان جي ڪري سڄي ملڪ جي عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهي پاڪستان کي قائم ڏسڻ چاهين ٿا يا نه. جيڪڏهن ڪوئي سمجهي ٿو ته فوج اڪيلي سر پاڪستان کي بچائي سگهي ٿي ته اهو غلط آهي. دنيا جي ڪائي به فوج پنهنجي ملڪ کي ان وقت تائين بچائي نه ٿي سگهي جيستائين ان ملڪ جو عوام فوج جو ساٿ نه ٿو ڏي. دنيا ۾ جيترا به انقلاب آيا آهن انهن ۾ فوج جي آفيسرن جو هٿ رهيو آهي، ترڪي، فرانس، ڪيوبا ۽ ڪوريا ۾ انقلاب آيا ۽ آمريڪا ۾ آزادي آڻن وارا به فوج سان تعلق رکندا هئا،جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي چيو ته اوهان جي مامي ۽ ڀاءُ ملڪ و قوم جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا ۽ نشان حيدر حاصل ڪيو.اوهان به بهادر جرنل آهيو ان جي ڪري اوهان ٻن سالن جي لاءِ پاڪستان جي ڪمان سنڀاليو ۽ ملڪ ۾ مارشل لاء نافذ ڪري قومي دولت لٽڻ وارن جو بي رحمانه احتساب ڪريو ۽ جنهن به قومي دولت لٽي آهي ان کان هڪ هڪ پائي وصول ڪئي وڃي. مان پاڪستان کي مظبوط ڏسڻ چاهيان ٿو ۽ ملڪ کي بچائڻ چاهيان ٿو ۽ پنهنجن لفظن تي يقين به رکان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته حضرت علي السلام جو قول مبارڪ آهي ته جنهن تي احسان ڪريو ان جي شر کان بچو، باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح  خوجه اثناء عشري شيعا هئا،پر اڄ عالم سڳورا پنهنجن مدرسن ۾ شيعا ڪافر جو درس ڏين ٿا. جنهن شيعا جي قيادت ۾ پاڪستان قائم ٿيو اڄ انهن ئي شيعن کي ڪافر قرار ڏنو پيو وڃي.سنڌ پاڪستان جي قيام جي حق ۾ ووٽ ڏنو پر ڪجھ عناصر جي
3
طرفان جي ايم سيد ۽ صوبي سنڌ کي غدار چيو ويو. بانيان پاڪستان جي اولادن کي ڀارت جو ايجنٽ چيو ويو، ان جي باوجود هندستان کان هجرت ڪري ايندڙن جي جماعت ايم ڪيو ايم ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. پر ملڪ جي دانشورن، تجزيه نگارن ۽ اينڪر پرسنن جي اڪثريت ايم ڪيو ايم جي مخالفت ڪندي نه ٿي ٿڪجي، ڪجھ دانشور ۽ اينڪر پرسن ايم ڪيو ايم جي  تعريف ۾ هڪ جملو به چوندي ڊڄن ٿا ته ڪٿي انهن جي نالي جي اڳيان ڳاڙهو  گول نه لڳايو وڃي. انهن فرمايو ته اسان مهاجرن جي حب الوطني جي باوجود اسان جي وفاداري مشڪوڪ بڻائي وئي آهي ۽ اڄ اسان سوچون ٿا ته جيڪڏهن اسان هندستان ۾ هجون ها ته خاطري هجي ها ته اسان کي مارڻ وارو غير مسلم آهي، پر پاڪستان ۾ نه صرف اسان کي هم مذهب ۽ هم وطن قتل ڪري رهيا آهن پر اسان جي لاءِ پنهنجن شهيدن جا جنازا کڻڻ به مشڪل بڻايو ويو ۽ شهيدن جا جنازا عورتن کنيا ان جي باوجود اسان پاڪستان زنده باد جا نعرا لڳائڻ نه ڇڏيا ۽ سنڌ ۾ پاڻ کي سنڌي چوندا رهيا سين پر جڏهن ٻن مانين ورهائڻ جو وقت آيو ته اسان کي چيو ويو ته ماني کائڻ جو حق صرف مقامي ماڻهن جو آهي.انهن فرمايو ته انصار ۽ مهاجر کي الڳ رکو، حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي سڳي اولاد ۾ به فرق ڪندو ته انهن ۾ به جهيڙو ٿي پوندو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم کي سڀني کان خراب جماعت مڃي ڪري هڪ طرف رکي ڇڏيو ۽ ٻڌايو وڃي ته پاڪستان جي ڪهڙي جماعت آهي جيڪا نيڪوڪار آهي. جنهن قومي دولت لٽي ڪري بينڪن ۾ جمع نه ڪرائي هجي، برطانيه ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪاروبار نه ڦيلايو هجي ۽ اها ڪهڙي جماعت آهي جنهن جي سربراھ جو سنئون سڌو فوج سان واسطو نه رهيو هجي؟ ان تي شرڪاء چيو ته ڪوئي به نه.جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪجھ ماڻهن جي طرفان چيو وڃي ٿو ته ماضي کي ڇڏي ڪري اڳتي وڌيو وڃي پر اصل جهيڙو انهي ڳالھ جو آهي. ڪجھ ماڻهو مون کي چئي رهيا آهن ته نعوذ بالله ، استغفرالله قرآن مجيد 1400 سال اڳ آيو هو ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم 1400 سال اڳ تعليمات ڏني هئي ته ڇا مان قرآن پاڪ ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي تعليمات جو ذڪر ڪرڻ ڇڏي ڏيان.ان تي عالمن سڳورن چيو ته هرگز نه. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان 19 ڊسمبر
4
2014 تي تبت سينٽر ڪراچي ۾ قومي يڪجهتي ريلي کي خطاب ڪندي قرآن پاڪ جي آيتن ۽ سرڪار دوعالم صلي الله عليه وسلم جي تعليمات جو حوالو ڏنو هو ته منهنجي باري ۾ چيو ته مان ملا عبدالعزيز جي باري ۾ جيڪو چاهيو ڪريو پر لال مسجد کي ڪيرائڻ جي ڳالھ ڪري اوهان ڪفر ڪيو آهي. ان جي ڪري اوهان تجديد اسلام ڪريو، ته ان قسم جي ڳالهين تي مان نعوذ بالله قرآن پاڪ ۽ نبي پاڪ صلي عليه وسلم جي تعليمات جو مطالعو ڪرڻ ڇڏي ڏيان. ان تي عالمن سڳورن جواب ڏنو ته هرگز نه. جناب الطاف حسين فرمايو ته منهنجو ايمان آهي قرآن مجيد برحق آهي ۽ قيامت تائين رهندو. منهنجو ايمان آهي ته صرف لاالاه الالله چوڻ سان ڪوئي به مسلمان نه ٿو ٿئي جيستائين اهو ان سان گڏ محمد رسول الله صلي عليه وسلم نه چوي. لال مسجد جي ڳالھ مان پنهنجي طرفان نه چئي هئي، مسجد الله جو گهر هوندي آهي، الله سائين جي گهر ۾ ڪنهن جي غيبت ڪرڻ ۽ ڪنهن جي خلاف سازشون ڪرڻ ۽ اتي ويهي ڪري اسلام کي نقصان پهچائڻ جي ڳالھ ڪرڻ ڇا مسجد جي حرمت ۽ تقدس جي بلڪل خلاف نه آهي. مسجدن ۾ نيڪي جي تعليم ڏني وڃي ٿي برائي جي نه. اتي الله تعالٰي جي عبادت جي دعوت ڏني وڃي ٿي ڪنهن سان نفرت جو درس نه ٿو ڏنو وڃي. جناب الطاف حسين قرآن پاڪ جي 63 هين سوره مبارڪ المنافقون جو ترجمو بيان ڪندي فرمايو ته مسجد ضرار منافقن ٺاهي هئي جن جون ڊگهيون ڏاڙهيون، وڏا وڏا وار ۽ پيشانين تي نشان هوندا هئا.اهي دنيا کي ورگلائيندا هئاته اهي الله سائين جا پڪا مڃڻ وارا آهن. پر حقيقت ۾ اهي منافق هئا ۽ جڏهن به انهن کي موقعو ملندو هو ته اهي پنهنجي سردار عبدالله بن ابي جي سربراهي ۾ مسلمانن جي پٽي ۾ ڇرو هڻڻ ۾ دير نه ڪندا هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته لال مسجد جو ملا عبدالعزيز منافقن جي سردار عبدالله بن ابي جو مڃڻ وارو آهي. جيڪي جنگ احد ۾ پنهنجين ساٿين کي وٺي مسلمانن کي اڪيلو ڇڏي ڀڄي ويو هو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ڪجھ ماڻهو چون ٿا ته الطاف حسين ملا عبدالعزيز جي مخالفت ڀلي ڪري پر لال مسجد کي ڪيرائڻ جي ڳالھ نه ڪن. ان تي اهي اسلام کان خارج ٿي ويا آهن ۽ انهن کي ٻيهر ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان ٿيڻ گهرجي.انهن فرمايو ته جڏهن مان چيو ته اهڙي حڪومت کان مارشلا بهتر آهي ته هر
5
طرف کان مون تي تنقيد ڪئي وئي. جيڪڏهن منهنجي طرفان فوجي عدالتن جو مطالبو ڪيو وڃي ها ته يقينن مون کي سڀني جي مخالفت جو سامنو ڪرڻو پوي ها. پر اڄ وزير هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ملٽري ڪورٽن جي قيام جي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. وزير اعظم، آرمي چيف ۽ آئي ايس آئي چيف کي يقين ڏياري رهيا آهن ته اصل دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي کان سوا تمام جماعتن بغير ڪنهن سوچ سمجھ جي ملٽري ڪورٽن جي قيام تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته لال مسجد کي ڪيرائڻ جي منهنجي مطالبي تي ڪجھ مخالفن خصوصن جماعت اسلامي جي رهنمائن جي طرفان وڏي تنقيد ڪئي وئي . انهن فرمايو ته جماعت اسلامي وارن جي لاءِ مان چوان ٿو ته جماعت اسلامي جي باني مولانا مودودي تفهيم القرآن جي جلد 2 جي صفحي 173 تي مسجد ضرار کي ڪيرائڻ جو واقعو تفصيل سان بيان ڪيو آهي.ڇا جماعت اسلامي جا ماڻهو ان جو انڪار ڪندا.انهن سوال ڪيو ته ڇا لال مسجد ۾ اسلحه خانو نه هو؟ ان جي مينارن کان فوجين ۽ پوليس وارن تي فائرنگ نه ڪئي وئي هئي؟ ڇا لال مسجد جي ماڻهن ۽ مدرسه حفصه جي شاگردياڻين گن پوائنٽ تي اسلام آباد کي يرغمال نه بڻايو هو؟ انهن سي ڊي جي دڪانن تي ٽوڙ پوڙ نه ڪئي هئي. مساج سينٽرن تي ڪم ڪندڙ مردن ۽ عورتن کي اغوا ڪري تشدد جو نشانو نه بڻايو هو. ڪارون هلائڻ وارين عورتن کي مارڪٽ نه ڪئي هئي ۽ ڪارن کي ٽوڙيو نه ويو هو، آخر اهو ڪهڙو اسلام آهي؟ انهن فرمايو ته جيڪڏهن ملا عبدالعزيز بهادر هجي ها ته جام شهادت نوش ڪن ها پر بزدلن وانگر برقعو پائي ڀڄي نه وڃن ها.لال مسجد ۾ خود ڪش حملن جو درس ڏنو ويو، بزرگان دين جو ڪهڙو مزار آهي جنهن کي انهن دهشت گردن دهشت گردي جو نشانو نه بڻايو هجي. انهن سوال ڪيو ته مسجد ته عبادت جي جڳھ آهي ان ۾ هٿيارن جو ڪهڙو ڪم آهي. انهن فرمايو ته جامعه حفصه جي شاگردياڻين جو ويڊيو پيغام سوشل ميڊيا تي آهي جنهن ۾ انهن داعش جي سربراھ ابوبڪر البغدادي کي مسلمانن جو خليفو قرار ڏيندي پاڪستان ۾ داعش جي خلافت قائم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي آهي. انهن آرمي چيف ۽ آئي ايس آئي چيف کي اپيل ڪئي ته اهي اهڙن تمام مدرسن جتي ماڻهن کي دهشت گردي ڪرڻ، خود ڪش ڌماڪن، بم
6
حملن ۽ مذهبي اقليتن کي مارڻ جو درس ڏنو ويندو هجي انهن کي فوري طور تي بند ڪرايو وڃي.جيستائين اهڙن مدرسن کي بند نه ڪرايو ويندو ان وقت تائين پاڪستان کان طالبان ۽ دهشت گردي جو خاتمو نه ٿيندو.انهن فرمايو ته مذهبي انتها پسند دهشت  گردن ملڪ ۾ مسجدن، امام بارگاهن ۽ بزرگن جي مزارن کي اڏايو، ڪوئيٽا ۾ اهل تشيع جي سڃاڻپ ڪري انهن کي قتل ڪيو ويو. انهن جا ڳلا ڪٽيا ويا، عيسائين، سکن ۽ ٻين مذهبي اقليتن کي قتل ڪيو ويو، اقليتن جي عبادتگاهن کي نقصان پهچايو ويو. انهن فرمايو ته جيڪڏهن هندن، عيسائين، احمدين، پارسين ۽ ٻين مذهبي اقليتن کي پاڪستان ۾ رهڻ جو حق نه آهي ته ڇا مسلمان پاڪستانين کي برطانيه، آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهڻ جو حق آهي. جيڪڏهن اوهان غير مسلمن کان پاڪستان ۾ رهڻ جو حق ڇنندو ۽ جواب ۾ انهن مسلمانن کي ڪڍي ڇڏيو ته ڇا اهو غلط هوندو.انهن اجتماع ۾ موجود تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اسان م ڪوئي سني، شيعه، ديوبندي، بريلوي، مسلمان، هندو ، عيسائي ۽ سک نه آهي پر اسان سڀ پاڪستاني آهيون ۽ اسان کي گڏجي ڪري پاڪستان کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ هڪ ٿيڻو پوندو.انهن فرمايو ته آرمي چيف بهادري جو مظاهرو ڪندي دهشت گردن جي خلاف ايڪشن شروع ڪيو. اڄ پوري قوم دهشت گردي جي خلاف متحد ٿي وئي آهي ته ان ۾ آرمي چيف جو تمام وڏو هٿ آهي. انهن تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن کي اپيل ڪئي ته اهي جنرل راحيل شريف جو ساٿ ڏين ڇو ته اهي ئي طالبان، القائده ۽ داعش جو بهادري سان خاتمو ڪندا.انهن فرمايو ته مان ڪڏهن کان دعا ڪري رهيو هوس ته ڪمال اتاترڪ وانگر ڪوئي جنرل اڳتي وڌي ۽ ملڪ کي بهتري ڏانهن وٺي وڃي.انهن راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان ملڪ جي نظام جي ڪمان سنڀاليو ۽ ملڪ ۾ اهڙو نظام قائم ڪري ڇڏيو جو دهشت گردي جو مڪمل خاتمو ٿئي . انهن فرمايو ته اسان  پاڪستان ۾ امن چاهيون ٿا، ڊيموڪريسي چاهيون ٿا اها ڊيموڪريسي به اسلام جي پيداوار آهي. جيڪا شورائي نظام جي شڪل ۾ اسلام ڏني.انهن آخر ۾ دعا ڪندي فرمايو ته الله تعالٰي پاڪستان جي تمام ماڻهن کي هڪ ڪري ڇڏي، ملڪ کي مظبوط ڪري ، جيڪي ماڻهو گمراھ آهن انهن کي نيڪ ڪري ۽ جن جي اصلاح ٿي نه ٿي سگهي پاڪستان کي اهڙن ماڻهن کان پاڪ ڪري،انهن شهيدن جي لاءِ به مغفرت جي دعا ڪئي.

7/17/2024 11:54:44 PM