Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين کي ڌمڪي ڏيڻ واري ۽ فساد ڪرڻ واري مولوي عبدالعزيز جي خلاف ايف آئي آر درج ڪرائي ڇڏي آهي ۽ انهن جي خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت ڪاروائي ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي. پاڪستان رابطا ڪميٽي انچارج قمر منصور.


جناب الطاف حسين کي ڌمڪي ڏيڻ واري ۽ فساد ڪرڻ واري مولوي عبدالعزيز جي خلاف ايف آئي آر درج ڪرائي ڇڏي آهي ۽ انهن جي خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت ڪاروائي ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي. پاڪستان رابطا ڪميٽي انچارج  قمر منصور.
 Posted on: 12/21/2014
جناب الطاف حسين کي ڌمڪي ڏيڻ واري ۽ فساد ڪرڻ واري مولوي عبدالعزيز جي خلاف ايف آئي آر درج ڪرائي ڇڏي آهي ۽ انهن جي خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت ڪاروائي ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي. پاڪستان رابطا ڪميٽي انچارج  قمر منصور.
حڪمران معصومن جا لاش کڻڻ کان پوءِ به پريشاني جو شڪار آهن ۽ ڪنهن به جماعت طالبان جي مذمت نه ڪئي آهي.سيد حيدر عباس رضوي.
اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ملڪ کي قائد اعظم محمد علي جناح جو پاڪستان بڻائڻو آهي يا طالبان جو پاڪستان. بابر غوري،
جناب الطاف حسين کي لال مسجد جي خطيب مولانا عبدالعزيز جي طرفان ڏنل ڌمڪي واري وڊيو بيان جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب تي عظيم الشان مظاهري کي خطاب.
ڪراچي؛ 21 ڊسمبر 2014
            متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام لال مسجد ۽ جامعه حفصه جي خطيب مولانا عبدالعزيز جي طرفان جناب الطاف حسين کي ڌمڪي واري وڊيو بيان جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب تي هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي انچارج رابطا ڪميٽي پاڪستان قمر منصور ، رابطا ڪميٽي ميمبر سيد حيدر عباس رضوي سينيٽر بابر غوري اسيمبلي ميمبرن خواجه اظهار الحسن، فيصل سبز واري،سينيٽر تنويرالحق ٿانوي، مذهبي اسڪالر  جميل راٺوڙ، علامه علي ڪرار نقوي ۽ محمد حسين لاکاڻي خطاب ڪيو.ان موقعي تي قمر منصور خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي ٽئين وڏي جماعت آهي جنهن جا قائد جناب الطاف حسين ڪروڙين دلين ۾ ڌڙڪن ٿا. جناب الطاف حسين کي شريعت جي نالي تي فساد ڪرڻ واري مولوي عبدالعزيز ڌمڪي ڏني آهي جنهن تي اسان قانون هٿن ۾ کڻڻ جي بجاءِ انهن جي خلاف ايف آئي آر درج ڪرائي آهي. انهن مظاهري ۾ قرارداد پيش ڪندي چيو ته اهو مظاهرو جناب الطاف حسين جي خلاف مولانا عبدالعزيز جي بيان جي مذمت ڪري ٿو ۽ اسان عبدالعزيز جي گرفتاري جو مطالبو ڪريون ٿا. مولانا عبدالعزيز کي آئين جي آرٽيڪل 6 جي تحت ڪاروائي ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي. آپريشن ضرب عضب کي سڄي ملڪ ۾ ڦيلايو وڃي ته جيئن مذهبي جنونيت کي دوزخ ۾ ڌکي سگهجي. طالبان جي خلاف جنگ کي پاڪستان جي سلامتي جي جنگ سمجهيو وڃي، سانحه پشاور جي پويان جيڪي عناصر آهن ۽ طالبان جي حامين جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. انهن وفاقي حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کان مطالبو ڪيو ته اهي مولانا عبدالعزيز جي ڌمڪي جو نوٽس وٺي ڪري انهن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻين.مظاهري کي حيدرعباس رضوي خطاب ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين کي ملا عبدالعزيز قتل جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ پنهنجي وڊيو ۾ غير اخلاقي زبان استعمال ڪئي آهي اڄ هي لکن ماڻهن جو اجتماع ان جي بيان جي مذمت ڪري ٿو. انهن چيو ته پاڪستان جي تمام طاقت جو مرڪز ڪراچي ۽ ڪراچي جي طاقت جو مرڪز نائن زيرو آهي. جڏهن ته نائن زيرو جا مالڪ جناب الطاف حسين آهن، ڪراچي پوري ملڪ کي هلائڻ جي لاءِ 75 سيڪرو روينيو ڏيئي ٿو، انهن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن 20 لک جانين جو نذرانو پيش ڪري هي ملڪ حاصل ڪيو هو، اسان کي موت کان ڊيڄارڻ وارا بيوقوفن جي نت ۾ رهن ٿا. اسان پنهنجا سر ڪٽرائي ته سگهون ٿا پر مولانا عبدالعزيز جهڙن ظالمن جي اڳيان پنهنجو سر جهڪائي نه ٿا سگهون. بابر غوري مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته ڪميٽيون ٺاهڻ سان دهشت گردي جو خاتمو ممڪن نه آهي اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هاڻي پاڪستان کي قائد اعظم جو پاڪستان بڻائڻو آهي يا طالبان جو پاڪستان.مظاهري کي مولانا تنوير الحق ٿانوي خطاب ڪندي چيو ته ملا عبدالعزيز پشاور واقعي ۾ ملوث طالبان دهشت گردن جي حمايت ڪري نه صرف پاڪستانين بلڪه تمام مسلمانن کي به شرمنده ڪري ڇڏيو آهي. علامه علي ڪرار نقوي خطاب ڪندي چيو ته ظالم ۽ قاتل جو ساٿ ڏيڻ وارو به ظلم ۾ برابر جو شريڪ هوندو آهي ۽ ملا عبدالعزيز اڄ جي دور جو يزيد آهي.جميل راٺوڙ خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هن وقت جناب الطاف حسين ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جي شڪل ۾ ٻه جرنل آهن جن مان هڪ جنگ جي ميدانن ۾ ۽ ٻيو فڪري محاذن تي انتها پسندي ۽ دهشت گردي سان مقابلو ڪري رهيو آهي.مظاهري کي خواجه اظهار الحسن، فيصل سبز واري ۽ محمد حسين لاکاڻي به خطاب ڪيو.
*

7/17/2024 11:48:37 PM