Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

يورپي پارليامينٽ ۽ يوڪي انڊپينڊنٽس پارٽي جي رهنما امجد بشير جو ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو جو دورو.


يورپي پارليامينٽ ۽ يوڪي انڊپينڊنٽس پارٽي جي رهنما امجد بشير جو ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو جو دورو.
 Posted on: 12/26/2014
يورپي پارليامينٽ ۽ يوڪي انڊپينڊنٽس پارٽي جي رهنما امجد بشير جو ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو جو دورو.
پاڪستان رابطا ڪميٽي جي انچارج قمر منصور ۽ ٻين سان ملاقات.
امجد بشير جڏهن نائن زيرو پهتا ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ انهن تي گل به نچارو ڪيا ويا.
ڪراچي؛ 26 ڊسمبر 2014
             يورپي پارليامينٽ ، انساني حقن جي ڪميٽي جي ميمبر ۽ يونائيٽڊ ڪنگڊم انڊپينڊنس پارٽي جي رهنما امجد بشير نائن زيرو جو دورو ڪيو ۽ رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن غازي صلاح الدين، عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ اسلم آفريدي سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي بابر غوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، سيد سردار احمد ۽ ٻيا به موجود هئا.ان کان اڳ جڏهن امجد بشير نائن زيرو تي پهتا ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ انهن تي گل به نچارو ڪيا ويا. ان موقعي تي قمر منصور امجد بشير کي جناب الطاف حسين جي طرفان گلدستو پيش ڪيو ۽ نائن زيرو آمد تي انهن جو شڪريو به ادا ڪيو. ملاقات ۾ سانحه پشاور تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ ملڪ جي گڏيل سياسي، سماجي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.ملاقات کان پوءِ امجد بشير ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته نائن زيرو تي اچي ڪري مون کي وڏي خوشي ٿي آهي ۽ هتي اچي ڪري مون گهڻو ڪجھ سکيو آهي ۽ هاڻي مان يورپي پارليامينٽ ۾ وڃي ڪري هتان جي انساني حقن جي حوالي سان ۽ ٻين مسئلن جي باري ۾ آگاهي ڏيندس.انهن چيو ته اڄ مان سن اڪيڊمي ويس جتي ڏٺم ته
2
ايم ڪيو ايم ملڪ جي مظلوم ۽ غريب عوام جي ٻارن کي انتهائي گهٽ في تي تعليم ڏياري رهي آهي.مان نذير حسين يونيورسٽي جو دورو به ڪيو ۽ ڪي ڪي ايف به ويس جيڪو فلاحي ڪمن جو هڪ وڏو ادارو آهي. انهن چيو ته مان ايم ڪيو ايم جي شعبن ۾ به ويس ۽ اتي ڪارڪنن سان مليس جتي اردو ڳالهائڻ وارا ئي نه بلڪه سنڌي. پشتون، پختون، سرائيڪي، پنجابي، هزاري وال، ڪشميري، بلوچي ۽ سمورن مذهبن جي مڃڻ وارا ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.انهن چيو ته مون کي خوشي ٿي ته ايم ڪيو ايم سياست سان گڏو گڏ ڀلائي جا ڪم به ڪري رهي آهي.انهن چيو ته مان ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪنن جي گهر وارن سان به مليس جن جي پيارن جي باري ۾ ڪائي به ڄاڻ نه آهي ته اهي ڪٿي آهن اها منهنجي لاءِ وڏي ڏک جي ڳالھ آهي. انهن چيو ته يورپ ۾ ڪوئي به شخص قانون کان بالاتر نه آهي ۽ اتي سڀني کي عدالتن جو سامنو ڪرڻو پوي ٿو ۽ اسان ماورائي عدالت ملٽري ڪورٽن تي يقين نه ٿا رکون.انهن چيو ته مون کي ڄاڻ آهي ته پاڪستان وڏي دهشت گردي جو شڪار آهي ،انهن ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪنن جي گهر وارن کي به يقين ڏياريو ته اهي يورپي پارليامينٽ ۾ ان مسئلي جي حل جي لاءِ ڪوششون ڪندا.ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي پاڪستان انچارج قمر منصور ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته امجد بشير ايم ڪيو ايم جي تنظيمي سرگرمين ۽ سڄي ملڪ جي مظلوم قومن جي لاءِ جناب الطاف حسين جي طرفان ڪندڙ عملي جدوجهد جو به تفصيل سان جائزو ورتو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته امجد بشير عالمي برادري کي انساني حقن جي خلاف ورزين، ايم ڪيو ايم جي خلاف ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين کان نه صرف آگاھ ڪندا بلڪه ان سلسلي ۾ مثبت ڪردار به ادا ڪندا ۽ انشاء الله تعالٰي ان مثبت ڪردار جي نتيجي ۾ ملڪ دهشت گردي سميت جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ سرداراڻه نظام کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندو. انهن امجد بشير جي نائن زيرو آمد جو زبردست خيرمقدم به ڪيو.

7/17/2024 11:48:56 PM