ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر واسع جليل جي ڀاءُ وسيم جليل جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 24 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر واسع جليل جي ڀاءُ وسيم جليل جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن مرحوم جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ واسع جليل سميت تمام سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.