Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم وفد رابطا ڪميٽي جي ميمبر اسلم آفريدي ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار انچولي ۾ مجلس وحدت المسلمين سنڌ جي پوليٽيڪل سيڪريٽري علي حسن زيدي سان ملاقات ڪئي.


ايم ڪيو ايم وفد رابطا ڪميٽي جي ميمبر اسلم آفريدي ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار انچولي ۾ مجلس وحدت المسلمين سنڌ جي پوليٽيڪل سيڪريٽري علي حسن زيدي سان ملاقات ڪئي.
 Posted on: 2/1/2015 1

ايم ڪيو ايم وفد رابطا ڪميٽي جي ميمبر اسلم آفريدي ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار انچولي ۾ مجلس وحدت المسلمين سنڌ جي پوليٽيڪل سيڪريٽري علي حسن زيدي سان ملاقات ڪئي.
ڪراچي پهرين فيبروري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي وفد رابطا ڪميٽي ميمبر اسلم آفريدي ۽ ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر فاروق ستار انچولي ۾ مجلس وحدت المسلمين جي مرڪزي هيڊ آفيس ۾ سنڌ جي پوليٽيڪل سيڪريٽري علي حسن زيدي ۽ علامه باقر زيدي سان ملاقات ڪري  شڪارپور بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ وڏي ڏک جو اظهار به ڪيو. ان موقعي تي علماء ڪميٽي جو انچارج جاويد احمد ۽ ٻيا به موجود هئا. ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم وفد ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته  شڪارپور سانحو هڪ وڏي سازش آهي ۽ ان جو مقصد ملڪ جي نازڪ ترين صورتحال ۾ شيعن ۽ سنين ۾ نفرتون پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن ملڪ کي نقصان پهچائي سگهجي. انهن چيو ته اهي سازشون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون ۽ شيعه ۽ سني پاڻ ۾ گڏجي ڪري هميشه وانگر کير کنڊ ٿي ڪري رهندا. انهن چيو ته دهشت گردي جي خلاف سڀني کي گڏجي ڪري وڙهڻو پوندو.ملاقات ۾ علي حسن زيدي ايم ڪيو ايم جي وفد سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته سانحه شڪارپور جي خلاف جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ساٿ ڏنو آهي. انهن چيو ته دهشت گردي ۽ انتها پسندي جي خاتمي جي لاءِ جناب الطاف حسين جو ڪردار ڪنهن کان به لڪيل نه آهي. ملاقات ۾ جناب الطاف حسين جي طرفان اتحاد بين المسلمين جي فروغ ۽ فرقي واريت جي خاتمي جي لاءِ ڪاوشن کي به ساراهيو ويو ۽ سانحه شڪارپور جي شهيدن جي ايصال و ثواب ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي وئي.

7/17/2024 1:15:45 PM