Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گلشن اقبال ۾ اسڪولن تي دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملا قابل مذمت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


گلشن اقبال ۾ اسڪولن تي دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملا قابل مذمت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 2/3/2015 1

گلشن اقبال ۾ اسڪولن تي دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملا قابل مذمت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن خدانخواسته ڪراچي جي ڪنهن به اسڪول ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جهڙو ڪوئي واقعو ٿيو ته ان جا ذميوار حڪمران هوندا.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 3 فيبروري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ گلشن اقبال بلاڪ نمبر 7 جي اسڪولن بيڪن هائي اسڪول ۽ بيڪن لائيٽ اسڪول تي دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي طالبان دهشت گردن جي وحشياڻي حملي کان پوءِ دهشت گردن جي طرفان ڪراچي ۾ به اسڪولن تي دهشت گردن جي حملن جو خطرو هو پر ان جي باوجود سنڌ حڪومت جي طرفان ڪراچي جي اسڪولن جي تحفظ جي لاءِ ڪي به مناسب قدم نه کنيا ويا آهن ۽ اڄ دهشت گرد گلشن اقبال ۾ اسڪولن تي دستي بم اڇلائي ڪري فرار ٿي ويا.جناب الطاف حسين اسڪولن تي انهن حملن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي فرمايو ته جيڪي وحشي دهشت گرد اسلام جي نالي تي اسڪولن کي دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن اهي نه اسلام جا دوست آهن ۽ نه ئي مسلمانن جا بلڪه اهي انسانيت جا کليل دشمن آهن ۽ اهي ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ميڊيا جي اطلاعن جي مطابق دهشت گردن اتي داعش جا هينڊ بل به اڇلايا آهن جيڪي رڙيون 
ڪري ڪري ڪراچي ۾ داعش جي موجودگي جي اطلاع ڏيئي رهيا آهن. پر اسان جا حڪمران هاڻي به ان جا انڪاري آهن.انهن فرمايو ته جيڪڏهن خدانخواسته ڪراچي جي ڪنهن به اسڪول ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جهڙو ڪوئي واقعو ٿيو ته ان جا ذميوار حڪمران هوندا.جناب الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت ۽ سمورن قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ اسڪولن جي تحفظ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن، اسڪولن جي استادن کي هٿيارن جا لائسنس ڏنا وڃن ۽ رياستي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي انهن دهشت گردن جو خاتمو ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين بيڪن هائي اسڪول ۽ بيڪن لائيٽ اسڪول ۽ ٻين ويجهن اسڪولن ۾ زير تعليم ٻارن، انهن جي والدين ۽ انهن اسڪولن جي انتظاميه سان همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته اهي پنهنجي پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن ۽ منهنجا ساٿي انهن سان گڏ آهن.

7/17/2024 1:20:34 PM