ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن رئوف صديقي ۽ عدنان احمد جي طرفان گلشن اقبال ۾ دستي بم حملن سان متاثر ٿيندڙ اسڪولن جو دورو.
ڪراچي؛ 3 فيبروري 2015
ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن رئوف صديقي ۽ عدنان احمد گلشن اقبال ۾ دستي بم حملن سان متاثر ٿيندڙ اسڪولن جو دورو ڪري اسڪولن جي انتظاميه،شاگردن ۽ انهن جي والدين سان ملاقات ڪئي ۽ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي همدردي جو پيغام به پهچايو. ان موقعي تي انهن ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن به سچل ڳوٺ جي گورنمينٽ سيڪينڊري گرلز اسڪول جي انتظاميه کي دهشت گردن جي طرفان هڪ ڌمڪي وارو خط مليو آهي جڏهن ته شهر جي ٻين اسڪولن کي به دهشت گردن جي طرفان ڌمڪين جو سلسلو جاري آهي، انهن چيو ته دهشت گرد اسان جي ايندڙ نسلن کي تعليم جي حصول کان پري رکي پاڪستان کي تباهي ڏانهن ڌڪڻ چاهين ٿا پر اسان کي جرت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪري انهن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. ان موقعي تي ٻنهي اسڪولن جي انتظاميه انهن جي آمد تي جناب الطاف حسين جو شڪريو به ادا ڪيو.