سابق چيف جسٽس آف پاڪستان ڊاڪٽر نسيم حسن شاھ جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 3 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سابق چيف جسٽس آف پاڪستان ڊاڪٽر نسيم حسن شاھ جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين ڊاڪٽر نسيم حسن شاھ جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي ڊاڪٽر نسيم حسن شاھ جي مغفرت فرمائي ، انهن جا درجات بلند فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.