Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قومي ايئر لائين پي آئي اي کي نفعو ڏيندڙ روٽن بار سلونا کان پوءِ نيويارڪ روٽ کي به بند ڪرڻ جي فيصلي تي ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


 قومي ايئر لائين پي آئي اي کي نفعو ڏيندڙ روٽن بار سلونا کان پوءِ نيويارڪ روٽ کي به بند ڪرڻ جي فيصلي تي ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
 Posted on: 2/2/2015 1

قومي ايئر لائين پي آئي اي کي نفعو ڏيندڙ روٽن بار سلونا کان پوءِ نيويارڪ روٽ کي به بند ڪرڻ جي فيصلي تي ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي؛ 2 فيبروري 2015
             متحده قومي موومينٽ جي سينٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن قومي ايئر لائين پي آئي اي جي طرفان نفعو ڏيندڙ روٽن بارسلونا کان پوءِ هاڻي نيويارڪ روٽ کي به بند ڪرڻ جي فيصلي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن پي آئي اي جي ان فيصلي تي به وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ 45 سالن جي عمر جي ملازمن جن ۾ ڪيبن ڪرلو ملازم به شامل آهن کي به نوڪرين مان فارغ ڪيو ويندو.انهن چيو ته قومي ايئرلائين جو ادارو هونئن به بدانتظامي ۽ خراب ڪارڪردگي جي ڪري نه صرف ملڪ جي اندر مسافرن جي تنقيد جو هدف بڻيل رهي ٿو پر بين الاقوامي سطح تي به ملڪ جي بدنامي جو باعث بڻجي رهيو آهي. انهن چيو ته پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي بجاءِ سڄو نزلو وچولي ۽ هيٺين درجي جي ملازمن تي ڪيرائڻ بلڪل ائين ئي آهي ته ڪري ڪوئي ۽ ڀري ڪوئي. انهن وفاقي وزير دفاع ۽ پي آئي اي جي انتظاميه جي بي حسي تي ٻڌل رويي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته صرف پرائيويٽائيزيشن جي تحت ڪجھ وڏن ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ پي آئي جو ڄاڻي بجهي ڪري ٻيڙو غرق ڪيو پيو وڃي. جنهن جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ انڪوائري ڪرائي ملوث ماڻهن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي.
****

7/17/2024 1:43:50 PM