Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سابق صوبائي وزير صنعت رئوف صديقي جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.


سابق صوبائي وزير صنعت رئوف صديقي جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
 Posted on: 2/2/2015 1

سابق صوبائي وزير صنعت رئوف صديقي جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
رئوف صديقي جناب الطاف حسين سان تنظيمي معاملن ۽ سنڌ خصوصن ڪراچي جي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي.
ڪراچي؛ 2 فيبروري 2015
            متحده قومي موومينٽ جي ميمبر سنڌ اسيمبلي ۽ سابق صوبائي وزير رئوف صديقي لنڊن فون ڪري قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان رابطو ڪيو ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان تنظيمي معاملن سميت ملڪ، سميت سنڌ ۽ ڪراچي جي تيزي سان بگڙندڙ صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي. رئوف صديقي جناب الطاف حسين جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ دعا به ڪئي.رئوف صديقي سان ٿيندڙ ڳالھ ٻولھ ۾ جناب الطاف حسين واپارين ۽ صنعتڪارن جي لاءِ ڏنل ڪجھ ڏينهن اڳ متنازعه بيان تي وڏي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايس ايم منير، ميان زاهد، سراج قاسم تيلي ۽ ٻيا واپاري ۽ صنعتڪار انتهائي اهم موقعن تي مون کي قابل مشورا ڏيندا رهيا آهن، ان جي ڪري انهن جو احترام ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته واپاري ۽ صنعتڪار پاڪستان جي ۽ خصوصن ڪراچي جي معيشت جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا ۽ اهو معاشري جو عزت دار طبقو آهي ان جي ڪري رابطا ڪميٽي بيان ڏيندي وقت احتياط سان ڪم وٺي ۽ جلد بازي ۾ اهڙو ڪوئي به بيان هرگز نه ڏي جنهن سان مون کي صدمو پهچي. ان کان پوءِ رئوف صديقي جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن جي صحت و تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعائون به ڪيون.

7/17/2024 1:22:16 PM