وزير اعظم ميان نواز شريف جي والده محترمه جي علالت تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
لنڊن؛ 3 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف جي والده محترمه جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به فرمائي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين سمورين امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي وزير اعظم جي والده محترمه جي جلد و مڪمل صحت يابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن.