ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪن سرفراز حسين جي تدفين وادي حسين قبرستان ۾ هزارين سوگوارن جي موجودگي ۾ ڪئي وئي.
رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.
ڪراچي ؛ پهرين فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي شهيد ڪارڪن سرفراز حسين جي تدفين وادي حسين قبرستان ۾ هزارين سوگوارن جي موجودگي ۾ ڪئي وئي. ان کان اڳ شهيد جي جنازي نماز انچولي امام بارگاھ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر ڪهف الورٰي، اسيمبلي ميمبرن،سيڪٽر و يونٽن جي ذميوارن، ايلڊر ونگ جي ڪارڪنن ۽ شهيد جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن فراز حسين جي پونئرن سان ملاقات ڪري جناب الطاف حسين جي طرفان انهن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ تعزيت جو پيغام به پهچايو ۽ ايصال و ثواب جي لاءِ دعا به ڪئي.