Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ٻهراڙي وارن علائقن سميت سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ حفاظتي انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ٻهراڙي وارن علائقن سميت سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ حفاظتي انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 2/3/2015 1

ٻهراڙي وارن علائقن سميت سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ حفاظتي انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سمورن تعليمي ادارن جي استادن کي هٿيارن جا لائسنس ڏنا وڃن. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 3 فيبروري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عبدالله گورنمينٽ گرلز ڪاليج ۽ مختلف تعليمي ادارن ۾ دهشت گردن جي طرفان ڌمڪي وارا خط ملڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ۾ عبدالله گورنمينٽ گرلز ڪاليج کي ڌمڪي وارو خط مليو آهي جنهن ۾ اها عبارت ته “ڪفن تيار رکو” ڪالھ جي ڏينهن عبد الله ڪاليج ۾” لکيل آهي ۽ خط ملڻ کان پوءِ ڪاليج جي انتظاميه وڏي خوف جو شڪار آهي. انهن فرمايو ته انتها پسند دهشت گرد تعليمي ادارن ۾ خوف ۽ دهشت جو ماحول پيدا ڪري نه صرف تعليمي سرگرمين کي روڪڻ چاهين ٿا بلڪه نئين نسل کي تعليم کان روڪڻ جي سازش به ڪري رهيا آهن. انهن حڪومت ۽ انتظاميا، سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن جي استادن، شاگردن ۽ انهن جي والدين تي زور ڏنو ته اهي هر گهڙي چوڪس رهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن جي استادن ۽ شاگردن کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ۽ تعليمي ادارن ۾ خوف ۽ دهشت ڦيلائڻ وارن جي سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏي. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عبدالله گورنمينٽ گرلز ڪاليج کي ملندڙ ڌمڪي واري خط جو هنگامي بنيادن تي نوٽس ورتو وڃي. ٻهراڙي وارن علائقن سميت سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ حفاظتي انتظام بهتر ڪيا وڃن ۽ سمورن تعليمي ادارن جي استادن کي هٿيارن جا لائسنس ڏنا وڃن.

7/17/2024 1:34:38 PM