Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ميٽرڪ بورڊ جي طرفان امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ توسيع نه ڪرڻ ۽ شاگردن کان وڌيڪ في صول ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.


ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ميٽرڪ بورڊ جي طرفان امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ توسيع نه ڪرڻ ۽ شاگردن کان وڌيڪ في صول ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
 Posted on: 2/1/2015 1

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ميٽرڪ بورڊ جي طرفان امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ توسيع نه ڪرڻ ۽ شاگردن کان وڌيڪ في صول ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
ڪراچي؛ پهرين فيبروري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ميٽرڪ بورڊ ڪراچي جي طرفان نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ توسيع نه ڪرڻ ۽ شاگردن کان وڌيڪ في وصول ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 29 جنوري هئي، جنهن ۾ شاگردن کي 1500 روپيا جمع ڪرائڻا هئا پر 29 تاريخ تي سانحه شڪارپور جي ڪري يوم سوگ ملهايو ويو هو ان جي ڪري شاگرد في جمع نه ڪرائي سگهيا.پر ميٽرڪ بورڊ جي انتظاميه 30 جنوري کان شاگردن کان 300 روپيا ليٽ في جي مد ۾ وڌيڪ اڳاڙي رهي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته سڄي دنيا ۾ تعليمي بورڊ شاگردن کي سهولتون فراهم ڪن ٿا پر اسان جي ملڪ ۾ تعليمي بورڊ شاگردن کان وڌيڪ في وصول ڪرڻ کي ڪمائي جو هڪ ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي به پاڪستان جو ئي حصو آهي ۽ هتي اڪثريت جو تعلق غريب ۽ وچولي طبقي سان آهي ۽ انهن جي لاءِ مهانگائي جي هن دور ۾ گذارو ڪرڻ اڳ ۾ ئي ڏکيو ٿي پيو آهي، پر تعليمي بورڊ جي طرفان شاگردن تي ليٽ في جو وڌيڪ ۽ ناجائز بار وجهڻ سراسر زيادتي آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ فوري توسيع ڪرڻ جو اعلان ڪن ۽ جن شاگردن کان ليٽ في جي مد ۾ وڌيڪ پيسا وصول ڪيا ويا آهن اهي انهن کي واپس ڪرائڻ جا قدم کڻڻ.

7/17/2024 1:33:33 PM