ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ميٽرڪ بورڊ جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾توسيع ڪرڻ جو خيرمقدم.
ڪراچي؛ 2 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ميٽرڪ بورڊ جي طرفان ميٽرڪ بورڊ جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ توسيع ڪرڻ جي اعلان جو خيرمقدم ڪندي ان کي ڪراچي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ تمام سٺو قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ خير مقدمي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل پوين ڏينهن ۾ شهر جي خراب صورتحال جي ڪري جيڪي شاگرد امتحاني فارم جمع نه ڪرائي نه سگهيا هئا ۽ ليٽ في جي ڪري انهن کي مشڪلاتن جو سامنو هو پر ميٽرڪ بورڊ جي سيڪريٽري فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ توسيع ڪري شاگردن جي پريشاني کي دور ڪري ڇڏيو آهي جيڪا تمام سٺي ڳالھ آهي.