Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان کي موقعو مليو ته اسان سڄي سنڌ ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ عورتن جي ووڪيشنل سينٽرن جو ڄار وڇائي ڇڏينداسين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


اسان  کي موقعو مليو ته اسان سڄي سنڌ ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ عورتن جي ووڪيشنل سينٽرن جو ڄار وڇائي ڇڏينداسين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 2/1/2015 1

اسان  کي موقعو مليو ته اسان سڄي سنڌ ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ عورتن جي ووڪيشنل سينٽرن جو ڄار وڇائي ڇڏينداسين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ملڪ ۾ تعليم عام ٿي وڃي ۽ هڪ جهڙو نظام رائج ٿي وڃي ته ملڪ ترقي ڏانهن گامزن ٿي ويندو.جناب الطاف حسين.
نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين سان ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛ پهرين فيبروري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان ماضي ۾ به سنڌ ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو ڄار وڇايو هو ۽ جيڪڏهن آئنده به اسان کي موقعو مليو ته اسان سڄي سنڌ ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ عورتن جي وڪيشنل سينٽرن جو ڄار وڇائي ڇڏينداسين. اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين سڀني شعبن جي ميمبرن کي حيدرآباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي جو سنگ بنياد رکڻ جي مبارڪباد به پيش ڪئي.انهن فرمايو ته حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جو قيام اتان جي شهرين جي ڪيترن ئي سالن کان خواهش هئي ۽ آخر ڪار ان جو سنگ بنياد رکجي ويو آهي.جنهن کي ڏسي ڪري حيدرآباد جا بزرگ ، امڙيون ، ڀينرون ۽ شاگرد وڏا خوش آهن. انهن حيدرآباد جي عوام کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته 
سنگ بنياد رکڻ جو ڏينهن منهنجي لاءِ وڏي خوشي جو ڏينهن هو ڇو ته حيدرآباد ۾ يونيورسٽي منهنجو ڪيترن ئي سالن کان خواب هو. انهن فرمايو ته مون کي يقين آهي ته حيدرآباد جا شاگرد تعليم جي معيار کي بهتر کان بهتر بڻائيندا. انهن يونيورسٽي جو سنگ بنياد رکڻ تي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ ملڪ رياض کي به خصوصي طور تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن جي لاءِ دعا به ڪئي.انهن فرمايو ته خدا ڪري ڪراچي ۾ به جلد يونيورسٽي قائم ٿئي. انهن فرمايو ته الله تعالٰي اسان کي تورڙو به موقعو ۽ اختيار ڏنو ته اسان سنڌ ئي نه بلڪه بلوچستان، خيبرپختونخواھ، هزاري وال ۽ گلگت بلتستان جي محروم علائقن ۾ به تعليمي ادارا قائم ڪنداسين. اسان جي ڪوشش ۽ جدوجهد اها آهي ته ملڪ ۾ تعليم عام ۽ آسان ٿي وڃي. هڪ جهڙو نظام تعليم رائج ٿئي، جيڪڏهن اهڙو ٿي ويو ته ملڪ ترقي ڏانهن نه صرف وڌنڌو پر ڊوڙندو. جناب الطاف حسين ان موقعي تي سانحه شڪارپور جي شهيدن جي لاءِ دعا به ڪئي.


7/17/2024 1:17:48 PM