Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مان پاڪستان جي لاءِ هڪ سرمايو آهيان، خدا جي واسطي مون کي پنهنجو دشمن سمجهڻ جي بجاءِ منهنجين صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


مان پاڪستان جي لاءِ هڪ سرمايو آهيان، خدا جي واسطي مون کي پنهنجو دشمن سمجهڻ جي بجاءِ منهنجين صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/6/2015 1
مان پاڪستان جي لاءِ هڪ سرمايو آهيان، خدا جي واسطي مون کي پنهنجو دشمن سمجهڻ جي بجاءِ منهنجين صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
وڏن وڏن سياسي رهنمائن پنهنجي قوم جي لاءِ آواز اٿاري، ان تي ڪنهن به اعتراض نه ڪيو پر جڏهن اسان مهاجرن جي حقن جي ڳالھ ڪريون ٿا ته ان کي پاڪستان جي خلاف قرار ڏنو وڃي ٿو.
سينيٽ اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي جي موقعي تي نائن زيرو تي ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 6 مارچ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم سچن محبت وطن پاڪستانين جي جماعت آهي جيڪا پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي ڏسڻ چاهي ٿي. انهن خيالن جو اظهار انهن  سينيٽ جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي جي موقعي تي نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين نون چونڊيل سينيٽرن محترمه نگهت مرزٰي، محترمه خوش بخت شجاعت، بيرسٽر محمد علي سيف ۽ ميان عتيق شيخ سميت تمام شرڪاء کي سينيٽرن جي ڪاميابي ۽ افضا الطاف جي سالگره جي مبارڪباد به پيش ڪئي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم مظلومن جي جماعت آهي جنهن  غريب ۽ وچولي طبقي کان جنم ورتو. 
اها افسوس جي ڳالھ آهي ته بانيان پاڪستان جي اولادن جي ان جماعت تي هر دور ۾ ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا. انهن فرمايو ته اڄ به ڪراچي ۾ ڪنهن نوجوان جي گرفتاري ٿئي ٿي ته انهن جا والدين، ڀائر ۽ ڀينرون ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن سان رابطو ڪن ٿا ۽ نائن زيرو تي اچي ڪري سوال ڪن ٿا ته اسان جي ڀائرن ۽ پٽن کي ڇو گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي گرفتار ڪري ڪٿي رکيو ويو آهي. انهن روئندڙ امڙين ۽ ڀينرن جا سوال اسان جا جگر ڌوڏي ڇڏين ٿا، پر اسان انهن کي اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهيون ته انهن کي ڪنهن گرفتار ڪيو آهي ۽ انهن کي ڪٿي رکيو ويو آهي. اسان جڏهن انهن جي گرفتارين جو ذڪر ڪريون ٿا ته ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جي وڏن وڏن سياسي رهنمائن پنهنجي قوم جي لاءِ آواز اٿاري ۽ اهي پنهنجي قوم تي فخر ڪن ٿا پر ان تي ڪوئي به اعتراض نه ٿو ڪيو وڃي پر جڏهن اسان مهاجرن جي حقن جي ڳالھ ڪريون ٿا ته ان کي پاڪستانيت جي خلاف قرار ڏنو وڃي ٿو. انهن سوال ڪيو ته ڇا خان عبدالولي خان پختونن جي حقن جي ڳالھ نه ڪئي. ڇا بي نظير ڀٽو شهيد سنڌين جي ڳالھ نه ڪئي؟ ڇا آصف علي زرداري سنڌين جي ڳالھ نه ڪئي. ڇا ميان نواز شريف جاڳ پنجابي جاڳ جو نعرو نه لڳايو؟ ڇا عمران خان وقت پوڻ تي پختونن جي ڳالھ نه ٿو ڪري. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم سچن محبت وطن پاڪستانين جي جماعت آهي. جيڪا پاڪستان کي خوشحال ۽ ترقي يافته ڏسڻ چاهي ٿي. مان پاڪستان جي لاءِ هڪ سرمايو آهيان، خدا جي واسطي مون کي پنهنجو دشمن سمجهڻ جي بجاءِ منهنجين صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي.مان پاڪستان جو استحڪام ۽ خوشحالي ڏسڻ چاهيان ٿو. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو پاڪستان سان سو سيڪڙو محبت ڪن ٿا ته مان پاڪستان سان 99 سيڪڙو محبت ڪريان ٿو ۽ ان کان گهٽ محبت ڪرڻ جي لاءِ هرگز به تيار نه آهيان. انهن فرمايو ته ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ چيو ته ڪراچي جي تمام سياسي جماعتن جا عسڪري ونگ آهن. پر ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ هميشه ايم ڪيو ايم کي تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته ايم ڪيو ايم جو عسڪري ونگ آهي. ڪڏهن به ڪنهن ٻئي جماعت جو ذڪر نه ٿو ڪيو وڃي. جناب 
الطاف حسين فرمايو ته گهڻا ئي ماڻهو ٽاڪ شوز ۾ ٻين رهنمائن جي قربانين جون ته ڳالهيون ڪن ٿا پر اڄ تائين ڪنهن به اينڪر جي زبان مان اهو نه ٻڌو ويو آهي ته الطاف حسين جي ڀاءُ ناصر حسين شهيد ۽ ڀائٽي عارف حسين شهيد کي ماورائي عدالت قتل ڇو ڪيو ويو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم سان هرون ڀرون نفرت ۽ تعصب رکڻ وارا هر ڳالھ تي ايم ڪيو ايم کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ ٿا . جڏهن مان چيو ته پاڪ فوج ضرب عضب جاري رکي، ضرورت پئي ته ايم ڪيو ايم پاڪ فوج جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجن لکين ڪارڪنن جون خدمتون پيش ڪرڻ جي لاءِ به تيار آهي. پر ملڪ جي لاءِ اسان جي ان جذبي جي قدر ڪرڻ جي بجاءِ ٽي وي ٽاڪ شوز جي نوسر بازن جي طرفان چيو ويو ته ايم ڪيو ايم جي ان پيشڪش مان ظاهر آهي ته ان وٽ عسڪري ونگ آهي. انهن فرمايو ته هڪ جماعت جا ماڻهو اسلام آباد جي ريڊ زون تي قبضو ڪري وٺن، اتي ڌرڻو ڏين ۽ پي ٽي وي جي عمارت تي حملو ڪن ته ان کي ننڍن ٻارن جي غلطي قرار ڏنو وڃي ٿو پر جڏهن اسان چئون ٿا ته اسان جي معصوم ۽ بي گناھ ماڻهن کي ڇو پڪڙيو وڃي ٿو ته چيو وڃي ٿو ته اهي وڏا ٿي ڪري دهشت گرد، چور ۽ ڦورو بڻجندا.انهن فرمايو ته اسان جو صرف ايترو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گهر وارن کي ٻڌايو وڃي ته انهن کي ڇو گرفتار ڪيو ويو ۽ گرفتار ڪري ڪٿي رکيو ويو آهي. خدا جو قسم اسان ڪنهن به ڏوهاري جي حمايت نه ڪنداسين. انهن فرمايو ته ڀارت، افغانستان ۽ ايران سان اسان جا تعلقات سٺا نه آهن، جڏهن ته بلوچستان جي صورتحال به سڀني جي سامهون آهي. اهڙي ۾ ملڪ کي اتحاد ۽ ڀائيچاري جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم تي پابندي عائد ڪري ان جي ڪارڪنن جون گرفتاريون بند ٿي سگهن ٿيون ته پوءِ سرڪاري پريس نوٽ جي ذريعي اعلان ڪري ڇڏجي. کلندڙ ڳالهائيندڙ پنهنجن گهرن کان وڃڻ وارن ۽ مسجدن کان نمازون پڙهي ڪري پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ وارن اسان جي ڪارڪنن کي شهيد ڪيو وڃي ٿو پر قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ ايم ڪيو ايم تي ئي الزام عائد ڪيو وڃي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته سٺا ۽ خراب ماڻهو ته هر جماعت ۽ هر اداري ۾ هوندا آهن، مان بار بار چوندو رهيو آهيان ۽ اڄ به اها ڳالھ ورجايان ٿو ته ايم ڪيو ايم ۾ ڏوهاري ماڻهن جي 
لاءِ ڪابه گنجائش نه آهي ۽ مان پاڻ چاهيان ٿو ته پارٽي کان اهڙن ماڻهن کي الڳ ڪيو وڃي . جناب الطاف حسين وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان جي طرفان پاڪستان ۾ داعش جي موجودگي جي انڪار تي فرمايو ته مان طالبان جي ڪراچي  آمد جي باري ۾ آگاھ ڪيو ته ان وقت به انڪار ڪيو ويو هو ۽ اڄ  طالبان ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پنهنجا ٺڪاڻا بڻائي چڪا آهن. اڄ داعش جي پاڪستان ۾ موجودگي کان انڪار ڪيو پيو وڃي . جناب الطاف حسين سينيٽ جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي چئن ميمبرن جي ڪاميابي تي تمام ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نون چونڊيل سينيٽرن بيرسٽر محمد علي سيف، ميان عتيق، محترمه خوش بخت شجاعت ۽ محترمه نگهت مرزٰي حنا کي تلقين ڪندي فرمايو ته سينيٽ جي ميمبر شپ عوام جي امانت آهي.ان ۾ هرگز به خيانت نه ڪن ۽ پسند ۽ ناپسند،مٽي مائٽي ۽ ياري دوستي  جي بجاءِ ميرٽ جي بنياد تي فيصلا ڪن ۽ ماڻهن جي مدد ڪن ۽ پنهنجي عهدي ۽ پوزيشن کي پنهنجي ذات يا خاندان جي مفاد جي لاءِ نه بلڪه ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ استعمال ڪن. انهن ايم ڪيو ايم جي تمام ذميوارن تي زور ڏنو ته اهي محنت، لگن  ۽ ايمانداري سان ڪم ڪن ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر تربيت ڪن.

7/17/2024 1:33:48 PM