Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ مقيم پاڪستاني اتان جي قانونن جو مڪمل احترام ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ مقيم پاڪستاني اتان جي قانونن جو مڪمل احترام ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/7/2015 1
برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ مقيم پاڪستاني اتان جي قانونن جو مڪمل احترام ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پنهنجن ٻارن کي انتها پسند تنظيمن کان پري رکن ۽ انهن  کي سٺي کان سٺي تعليم ڏياري معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائن.
ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ پنهنجي نياڻي افضا الطاف حسين جي تيرهين سالگره جي تقريب کي خطاب.
لنڊن؛ 7 مارچ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ مقيم پاڪستانين کي چيو ته اهي جن جن ملڪن ۾ به رهن ٿا اهي اتان جي قانونن جو مڪمل احترام ڪن، پنهنجن ٻارن کي انتها پسند تنظيمن کان پري رکن ۽ انهن کي سٺي کان سٺي تعليم ڏياري معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائين. اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ پنهنجي نياڻي افضا الطاف حسين جي تيرهين سالگره جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هر ملڪ جو نظام، قائدا ۽ قانونَ هوندا آهن ۽ اتان جي شهرين تي اهو لازم هوندو آهي ته اهي اتان جي قانونن جو احترام ڪن. انهن فرمايو ته ٻين ملڪن وانگر برطانيه جو به پنهنجو قانون ۽ نظام آهي. جنهن جي بنياد ڊيموڪريسي آهي. ان جي ڪري پاڪستان ۽ ٻين اسلامي ملڪن کان اچي ڪري هتي آباد ٿيڻ وارن کي هتان جي جمهوري اصولن جي پابندي ڪرڻي پوندي. پر ڪوئي هتان جي قانونن کي پسند نه ٿو ڪري ته ان کي پنهنجي ملڪ واپس هليو وڃڻ گهرجي. انهن فرمايو ته اها ڳالھ وڏي حيريت واري آهي جو ڪجھ مذهبي انتها پسند برطانيه ۾ به نظام خلافت ۽ اسلامڪ پارليامينٽ قائم ڪرڻ چاهين ٿا. انهن فرمايو ته برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ آباد جيڪي ماڻهو هتان جي نظام ۽ قانونن کي شريعت جي خلاف سمجهن ٿا ته انهن کي پنهنجي ملڪ واپس هليو وڃڻ گهرجي ۽ پهرين اتان جي نظام ۽ قانون کي شريعت جي مطابق بڻائڻ گهرجي. انهن فرمايو ته اڄ ڪالھ مختلف نالن ۽ چهرن سان انتها پسند تنظيمون سامهون آيون آهن. جيڪي حقيقت ۾ انهن قوتن جي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي اسلام ۽ مسلمانن جو چهرو خراب ڪرڻ جي پويان آهن. بدقسمتي سان اڄ ڪالھ اهي انتها پسند تنظيمون برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ سادڙن ماڻهن کي ورغلائي رهيون آهن ۽ انهن کي جهاد جي نالي تي اهڙي رستي تي وجهي رهيون آهن. جيڪو اسلام جي اصل تعليمات جي بلڪل خلاف آهي. انهن برطانيه ۽ يورپ ۾ آباد پاڪستانين کي چيو ته اهي پنهنجن ٻارن کي توحيد، رسالت ۽ ختم نبوت صلي الله عليه وسلم تي ايمان ، نماز، روزي، زڪوٰت، حج ۽ اسلام جي ٻين ارڪان جي بنيادي تعليم ضرور ڏيارين پر اهڙين انتها پسند تنظيمن کان پري رکن جيڪي اسلام جو نالو وٺي ڪري انهن جي ٻارن کي  ڪلمي پڙهندڙ مسلمانن جو رت وهائڻ جو درس ڏين . انهن فرمايو ته قرآن پاڪ ۾ واضع طور تي الله تعالٰي فرمايو آهي ته جيڪڏهن ڪوئي مسلمان ڪنهن مسلمان کي ڄاڻي ٻجهي قتل ڪري ته ان جو ٺڪاڻو جهنم آهي. انهن طالبان دهشت گردن جي هٿان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شاگردن جي وحشياڻي قتل جي به سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ فرمايو ته اهو اهڙو وحشياڻو واقعو آهي جو ان جو تصور ڪري ئي دل ڏڪي وڃي ٿو. انهن تقريب ۾ موجود شاگردن ۽ شاگردياڻين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي تعليم تي ڀرپور توجه ڏين ۽ گمراھ ڪرڻ وارن انتها پسند عناصر کان پري رهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته نائن زيرو تي مسلمان ئي نه بلڪه هندو، سک ۽ عيسائي به تنظيمي خدمتون انجام ڏيئي رهيا آهن. اتي سمورن فقهن ۽ مسلڪن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو به ڪم ڪن ٿا ۽ تمام مذهبن ۽ مسلڪن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو ڀائرن وانگر رهن ٿا. ان جي ڪري جو مان ڪنهن سان به نفرت نه ٿو ڪريان. جناب الطاف حسين تقريب ۾ شريڪ پاڪستانين کي چيو ته جيڪڏهن اوهان محروم ۽ مظلوم عوام جي مدد ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ پاڪستان ۾ صحيح معنٰي ۾ منصفانه نظام قائم ڪرڻ چاهيو ٿا ته ايم ڪيو ايم جا هٿ مظبوط ڪريو. انهن جلد ئي برطانيه ۾ ايم ڪيو ايم يوٿ ونگ به قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

7/17/2024 1:22:38 PM