Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بهترين انسان اهو آهي جنهن کان ٻين ماڻهن کي فائدو حاصل ٿئي. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب.


بهترين انسان اهو آهي جنهن کان ٻين ماڻهن کي فائدو حاصل ٿئي. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب.
 Posted on: 3/9/2015 1
بهترين انسان اهو آهي جنهن کان ٻين ماڻهن کي فائدو حاصل ٿئي. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب.
ايم ڪيو ايم جي انقلابي جدوجهد جو آغاز هڪ شاگرد تنظيم کان ڪيو ويو.رابطا ڪميٽي ميمبر عظيم فاروقي.
حيدرآباد ۾ ڀٽائي اسپتال کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ٻن جديد ايمبولينسن جو عطيو ڏيڻ جي تقريب کي خطاب.
حيدرآباد؛ 9 مارچ 2015 
             بهترين انسان اهو آهي جنهن کان ٻين ماڻهن کي فائدو حاصل ٿئي. انهن خيالن جو اظهار ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب ڀٽائي اسپتال کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ٻن جديد ايمبولينسن جو عطيو ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.تقريب ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر عظيم فاروقي، سنڌ تنظيمي ڪميٽي جوائنٽ انچارج شبير قائم خاني ۽ ميمبر، حق پرست اسيمبلي ميمبر، زونل انچارج نويد شمسي ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن جي وڏي تعداد موجود هئي. عبدالحسيب چيو ته انسانيت جي خدمت ڪرڻ ئي وڏي عبادت آهي ۽ جناب الطاف حسين سياست ۾ خدمت جي جذبي کي نه صرف سڀني کان پهرين متعارف ڪرايو بلڪه ايم ڪيو ايم جي قيام کان پهرين ئي خدمت خلق ڪميٽي جي بنياد به رکي. انهن چيو ته جيڪي قومون دنيا ۾ تعليم جي زيور سان مالا مال ٿين ٿيون اهي ئي ترقي جي منزلون به طئي ڪن ٿيون. ڇو ته تعليم يافته ماڻهو ئي انسانيت جي خدمت جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي سياست صرف ۽ صرف عوامي خدمت تي ٻڌل آهي ۽ اها افتتاحي تقريب ان ڳالھ جو واضع ثبوت آهي ته جيڪڏهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي تي اهڙي طرح ئي گامزن رهياسين ته ڪاميابي اسان جا قدم چمندي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عظيم فاروقي خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي انقلابي جدوجهد جو آغاز هڪ شاگرد تنظيم کان ڪيو ويو ۽ ان تحريڪ کان خوفزده ماڻهن جڏهن ان جي لاءِ تعليم جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ته ان شاگرد تنظيم عوامي انقلاب جي شڪل اختيار ڪري ورتي.تقريب کي حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي خطاب ڪندي چيو ته حيدرآباد شهر جناب الطاف حسين جو گهر آهي ۽ ان گهر جي مالڪ هميشه ان جي ترقي کي اهميت ڏني آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين، يونيورسٽي، نذير حسين يونيورسٽي ، اسپتال ۽ اڄ ڀٽائي اسپتال کي ٻه ايمبولنسن جو تحفو ڏنو آهي، جيڪو جناب الطاف حسين جو حيدرآباد سان بي پناھ محبت جو واضع ثبوت آهي. تقريب کي ايس ٽي سي جوائنٽ انچارج شبير قائم خاني، ايم اين اي سيد وسيم حسين ۽ ايم پي ايم زبير احمد خان به خطاب ڪيو. آخر ۾ ڀٽائي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر افتخار احمد قائم خاني جناب الطاف حسين جو شڪريو به ادا ڪيو. 

7/17/2024 1:41:17 PM