چيئرمين سينيٽ ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن ۽ سمورن سياسي جماعتن سان ڳالھ ٻولھ جي لاءِ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي طرفان تشڪيل ڏنل ڪميٽين جي نالن جي منظوري ڏيئي ڇڏي.
ميمبرن ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، رئوف صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار، ڪنور نويد جميل ۽ بابر غوري شامل آهن.
لنڊن؛ 8 مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڊگهي بحث مباحثي کان پوءِ چيئرمين سينيٽ ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن ۽ سمورين سياسي جماعتن سان ڳالھ ٻولھ جي لاءِ تشڪيل ڏنل ڪميٽين جي نالن جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. ان ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، رئوف صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار، ڪنور نويد جميل ۽ بابر غوري شامل آهن. جڏهن ته قانوني ۽ آئيني معاملن ۾ مشاورت جي لاءِ ان تشڪيل ڏنل ڪميٽي ۾ سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم کي به خصوصي طور تي شامل ڪيو ويو آهي.