Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ علاقائي سطح تي صفائي سٿرائي جي انتظامن تي ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي جناب الطاف حسين جي طرفان خراج تحسين پيش.


ڪراچي ۾ علاقائي سطح تي صفائي سٿرائي جي انتظامن تي ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي جناب الطاف حسين جي طرفان خراج تحسين پيش.
 Posted on: 3/9/2015 1
ڪراچي ۾ علاقائي سطح تي صفائي سٿرائي جي انتظامن تي ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي جناب الطاف حسين جي طرفان خراج تحسين پيش.
اها منهنجي لاءِ وڏي خوشي جي ڳالھ آهي ته ايم ڪيو ايم جا چونڊيل نمائندا، ذميوار ۽ ڪارڪنَ پنهنجن پاڙن ۽ گهٽين جي صفائي سٿرائي ، نالن ۽ گٽرن جي صفائي، پارڪن جي صفائي، وال چاڪنگ مٽائڻ ۽ وڻ پوکڻ جي ڪمن ۾ مصروف آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 9 مارچ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ علاقائي سطح تي صفائي سٿرائي جي انتظامن تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن، سيڪٽرن ۽ يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي سان ڳالھ ٻولھ ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي حديث مبارڪ آهي ته صفائي اڌ ايمان آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن جو فرض آهي ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ صفائي ۽ سٿرائي جي انتظامن جو خاص خيال رکن. جناب الطاف حسين فرمايو ته خلق خدا جي خدمت سڀني کان وڏي عبادت آهي ۽ اها منهنجي لاءِ وڏي خوشي جي ڳالھ آهي ته ايم ڪيو ايم جا چونڊيل نمائندا، ذميوارَ ۽ ڪارڪن َ پنهنجن پاڙن ۽ گهٽين جي صفائي، ڪني پاڻي جي نيڪر جي لاءِ نالن ۽ گٽرن جي صفائي، گٽرن جا ڍڪڻ لڳائڻ، ڪچرو کڻڻ، اسٽريٽ لائيٽن جا بلب لڳائڻ، پارڪن جي صفائي، وال چاڪنگ مٽائڻ، فٽ پارڪن تي رنگ ڪرڻ، وڻ پوکڻ ، سرڪاري اسڪولن ۾ اسٽاف ۽ فرنيچر جي ڪمي دور ڪرڻ ۽ غريب عوام کي علاج معالجي جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ عملي ڪوششن ۾ مصروف آهن. جنهن تي هر هڪ ميمبر قومي ۽ صوبائي اسيمبلي، سيڪٽر ۽ يونٽ جو ذميوار ۽ ڪارڪن زبردست خراج تحسين ۽ شاباش جو مستحق آهي. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت فرمائي ته اهي نه صرف پنهنجين گهٽين ۽ پاڙن ۾ صفائي جي انتظامن کي بهتر بڻائن بلڪه پنهنجي پاڻ ۽ لباس کي به صاف سٿرو رکن، ڏکايل ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪن ۽ پنهنجي ڪردار ۽ عمل جون مثالون قائم ڪن.

7/17/2024 1:45:38 PM