Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيٽ اليڪشن 2015 ۾ چئن حق پرست سينيٽرن جي واضع ڪاميابي، نائن زيرو تي جشن ملهايو ويو ۽ مٺائي به ورهائي وئي.


سينيٽ اليڪشن 2015 ۾ چئن حق پرست سينيٽرن جي واضع ڪاميابي، نائن زيرو تي جشن ملهايو ويو ۽ مٺائي به ورهائي وئي.
 Posted on: 3/5/2015 1
سينيٽ اليڪشن 2015 ۾ چئن حق پرست سينيٽرن جي واضع ڪاميابي، نائن زيرو تي جشن ملهايو ويو ۽ مٺائي به ورهائي وئي.
ايم ڪيو ايم وٽ هڪ انتهائي مظبوط، دورانديش ۽ نه وڪامڻ وارو ۽ نه جهڪڻ وارو قائد الطاف حسين آهي. حيدرعباس رضوي.
ڪراچي؛ 5 مارچ 2015 
          سينيٽ جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي چئن سينيٽرن خوش بخت شجاعت، ميان عتيق، بيرسٽر محمد علي سيف ۽ نگهت حنا مرزٰي جي ڪاميابي جي خوشي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي جشن ملهايو ويو. ان موقعي تي ڪارڪنن نون چونڊيل سينيٽرن تي گل نچاور ڪيا ۽ مٺائي به ورهائي وئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر حيدرعباس رضوي خطاب ڪندي چيو ته اڄ ايم ڪيو ايم جي لاءِ هي ٻئي خوشي آهي پهرين اها ته اڄ جناب الطاف حسين جي نياڻي افضاء الطاف جي سالگره جو ڏينهن آهي ۽ ٻئي اسان جا سينيٽر چونڊيا ويا آهن،جنهن تي اسان جناب الطاف حسين ۽ انهن جي تمام ڪٽنب کي ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪاميابين جو سفر آهسته آهسته طئي ڪري رهي آهي ، ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد نمائنده جماعت آهي جنهن سينيٽ جي جنرل سيٽ تي هڪ عورت اميدوار کي ڪامياب ڪرايو، انهن چيو ته ٻين جماعتن وڏن وڏن صنعتڪارن ۽ پيسي وارن کي سينيٽ جا ٽڪيٽ ڏنا پر ايم ڪيو ايم شاعرن، اديبن ۽ تعليم يافته ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏنا. انهن چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ سمورين جماعتن 
کي هارس ٽريڊنگ جو خوف هو پر ايم ڪيو ايم کي ڪوئي به اهڙو خوف نه هو ، جيڪا ايم ڪيو ايم جي تاريخ آهي. انهن چيو ته خيبرپختونخواھ اسيمبلي کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون ڇو ته اتي هارس ٽريڊنگ جو سلسلو جاري آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن ڪي پي ڪي اسيمبلي تحليل ڪئي وئي ته ان سان جمهوريت کي سخت خطرا لاڳو ٿي ويندا ۽ پورو ملڪ ڌرڻڻ ۽ عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويندو. نئين چونڊيل سينيٽر خوش بخت شجاعت چيو ته جناب الطاف حسين هڪ ليڊر ئي نه بلڪه تاريخ ساز شخصيت به آهن. انهن چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ جي فرسوده نظام جي علمبردارن کي للڪاريو  ۽ غريبن ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي ايوانن ۾ موڪليو. نئين چونڊيل سينيٽر ميان عتيق چيو ته الله تعالٰي مون کي سو ڀيرا به زندگي ڏني ته مان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نظرئي جي لاءِ قربان ڪري ڇڏيندس. بيرسٽر محمد علي سيف چيو ته انهن ماڻهن جون زبانون هاڻي بند ٿي وڃڻ گهرجن جيڪي ايم ڪيو ايم کي صرف اردو ڳالهائڻ وارن جي جماعت چوندا هئا.نئين چونڊيل سينيٽر نگهت مرزٰي حنا چيو ته اڄ جناب الطاف حسين جي نظرئي جي فتح جو ڏينهن آهي.

7/17/2024 1:30:22 PM