Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پنجاب جي وزير اعلٰي ميان شهباز شريف جي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ .


پنجاب جي وزير اعلٰي ميان شهباز شريف جي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ .
 Posted on: 3/9/2015 1
پنجاب جي وزير اعلٰي ميان شهباز شريف جي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ .
ميان شهباز شريف جناب الطاف حسين کي وزير اعظم ميان نواز شريف جو سلام ۽ خير سگالي جو پيغام به پهچايو.
ميان شهباز شريف جناب الطاف حسين کان سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن ۾ تعاون ڪرڻ تي به ڳالھ ٻولھ  ڪئي.
اسان کي ماضي جي رکائين کي پٺتي اڇلائي ڪري هڪ ٻئي جي احترام جي فضا کي قائم ڪرڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 9 مارچ 2015 
            پنجاب جي وزير اعلٰي ميان شهباز شريف ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي رابطو ڪيو ۽ انهن سان موجوده سياسي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ وڏي خوشگوار ماحول ۾ ڳالھ ٻولھ ٿي. ٻنهي رهنمائن هڪ ٻئي جي خيريت دريافت ڪئي ۽ هڪ ٻئي جي لاءِ خيرسگالي جي جذبات جو اظهار به ڪيو. ميان شهباز شريف جناب الطاف حسين کي وزير اعظم ميان نواز شريف جو سلام ۽ خير سگالي جو پيغام به پهچايو. جناب الطاف حسين به ميان شهباز شريف کان ميان نواز شريف جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ نيڪ جذبن جو اظهار ڪيو. ڳالھ ٻولھ جي دوران موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ميان شهباز شريف ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ ن جي وچ ۾ بهتر تعلقات جي قيام ۽ سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن ۾ تعاون ڪرڻ تي به ڳالھ ٻولھ ڪئي. جناب الطاف حسين ان موقعي تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمايو ته سياسي ۽ نظرياتي اختلاف جمهوري عمل جو حصو آهن پر اسان کي سياسي اختلافن کي قبائلي اختلافن وانگر نسل در نسل دشمني جي شڪل نه ڏيڻ گهرجي ۽ ماضي جي رکائين کي  پٺتي اڇلائي ڪري هڪ ٻئي جي احترام جي فضا کي قائم ڪرڻ گهرجي ۽ سياسي ۽ نظرياتي اختلافن جي باوجود هڪ ٻئي جي مينڊيٽ کي خوشدلي سان تسليم ڪرڻ گهرجي. ميان شهباز شريف جناب الطاف حسين جي ڳالھ سان مڪمل اتفاق ڪندي چيو ته اسان ماضي جي ڳالهين کي ماضي جو قصو بڻائڻ چاهيون ٿا ۽ هڪ ٻئي جي وجود کي تسليم ڪندي بهتر ۽ خوشگوار تعلقات قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. وزير اعلٰي پنجاب لنڊن اچي ڪري جناب الطاف حسين سان ملاقات ڪرڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ پاڪستان کي دهشت گردي جي لعنت کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ پاڪ فوج جي جاري آپريشن ضرب عضب تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ضرب عضب جي ڪاميابي جي لاءِ دعا به ڪئي . ميان شهباز شريف دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ  فوج سان گڏ گڏيل طور تي ڪئي ويندڙ ڪوششن کان به جناب الطاف حسين کي آگاھ ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪ فوج ۽ پاڪستاني عوام دهشت گردي جي خلاف جاري جنگ ۾  وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ پاڪ فوج سميت پوري قوم جو اهوئي عزم آهي ته ملڪ کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ آخري دهشت گرد جي خاتمي تائين آپريشن ضرب عضب جو جاري رهڻ ضروري آهي. انهن چيو ته پوري قوم کي دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪ فوج جو ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري ساٿ ڏيڻ گهرجي. ٻنهي رهنمائن ۾ هڪ ٻئي سان ملاقاتن ۽ رابطن جو سلسلو جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

7/17/2024 1:43:42 PM