Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پي آئي اي جي پرائيويٽائزيشن جو فيصلو ڪندي وقت ملازمن جي رائي ضرور ورتي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


پي آئي اي جي پرائيويٽائزيشن جو فيصلو ڪندي وقت ملازمن جي رائي ضرور ورتي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/9/2015 1
پي آئي اي جي پرائيويٽائزيشن جو فيصلو ڪندي وقت ملازمن جي رائي ضرور ورتي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پي آئي جي ملازمن جي اڪثريت اداري جي پرائيويٽائزيشن جي خلاف آهي.
جناب الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم پي آئي اي يونٽ جي وفد سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 9 مارچ 2015 
           ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته پي آئي اي جي پرائيويٽائزيشن جو فيصلو ڪندي وقت ان اداري جي ملازمن جي رائي ضرور ورتي وڃي ۽ انهن جي جذبن ۽ مفادن جو خيال رکيو وڃي ڇو ته اداري جي ملازمن جي اڪثريت پرائيويٽائزيشن جي خلاف آهي. اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم انٽرنيشل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ پي آئي اي يونٽ جي ذميوارن جي هڪ وفد سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته پي آئي اي کي هڪ ايماندار ۽ محنتي سربراھ جي ضرورت آهي. جيڪو اداري کي هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي جي راھ تي گامزن ڪري ڇڏي. انهن فرمايو ته ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته پي آئي اي ۾ نوڪريون دوستي، مٽي مائٽي يا سياسي وابستگي جي بنياد يا مالي فائدن جي لاءِ نه ڏنيون وڃن بلڪه اداري ۽ ملڪ جي مفاد جي لاءِ ڏنيون وڃن. ڇو ته ادارو هلندو ته ان سان ملڪ جو نالو به سٺو ٿيندو ۽ ساڻ ماڻهن جو اداري تي اعتماد به بحال ٿيندو. پي آئي اي جي ملازمن جناب الطاف حسين سان ملاقات جي دوران اداري جي پرائيويٽائزيشن جي باري ۾ پنهنجي ۽ ٻين ملازمن ۾ پائي ويندڙ ڳڻتي ۽ پريشاني کان به آگاھ ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مون کي چڱي نموني اندازو آهي ته پي آئي جي پرائيويٽائزيشن جي خبرن سان ان جا ملازم سخت پريشاني جو شڪار آهن ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف کان منهنجو مطالبو آهي ته پرائيويٽائزيشن جي باري ۾ ڪوئي به اهڙو فيصلو نه ڪيو وڃي جيڪو پي آئي اي جي ملازمن کي پريشان ڪري. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف کان اهو به مطالبو ڪيو ته پي آئي اي جي ملازمن کي اداري جي طرفان جاري ڪيل ٽڪيٽ تي عائد ٽيڪس ختم ڪيو وڃي ڇو ته اداري جا گهڻا ئي غريب ملازم اهو ٽيڪس ادا ڪرڻ جي طاقت نه ٿا رکن. جناب الطاف حسين پي آئي اي جي بالا آفيسرن کان اهو به مطالبو ڪيو ته غير ملڪي جهازن تي ملازمن جي ڊيوٽي جو شيڊول انصاف ۽ ميرٽ جي مطابق بڻايو وڃي ۽ ان ڳالھ کي يقيني بڻايو وڃي ته صرف ڪجھ مخصوص ماڻهو ئي غيرملڪي پروازن تي نه وڃن بلڪه سمورن ملازمن کي ٻاهرين ملڪ پروازن تي پنهنجيون خدمتون پيش ڪرڻ جو موقعو ملي.

7/17/2024 1:37:13 PM