سينيٽر ميان عتيق جو اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي طرفان شاندار استقبال.
اسلام آباد؛ 8 مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر ميان عتيق جي اسلام آباد آمد تي شاندار استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي اسلام آباد ايئرپورٽ کان راولپنڊي پريس ڪلب تائين هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي سربراهي ايم ڪيو ايم اپر پنجاب جي صدر عتيق عباسي ۽ ٻين ڪئي. ريلي جي اختتام تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ميان عتيق چيو ته مون سميت پنجاب جا سمورا مظلوم ۽ محروم ماڻهو جناب الطاف حسين جا شڪرگذار آهن جن مون کي سينيٽ جو ميمبر بڻايو. انهن چيو ته پنجاب جا عوام جناب الطاف حسين سان گڏ آهن ۽ اسان جا حوصلا بلند آهن. انهن چيو ته اسان حق پرست شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين ۽ ملڪ جي اعلٰي ايوانن ۾ وڃي ڪري غريب ۽ مظلوم طبقي جي لاءِ آواز بلند ڪنداسين. ان موقعي تي ڪارڪنن جي طرفان مٺائي به ورهائي وئي.