اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن مزمل قريشي ۽ فيصل سبز واري جو ميٽروول اسڪيم 33 ۾ زير تعمير اسپتال جو دورو.
ڪراچي؛ 9 مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن مزمل قريشي ۽ فيصل سبز واري ميٽروول اسڪيم 33 ۾ 50 بسترن تي مشتمل زير تعمير اسپتال جو دورو ڪيو ۽ اتي لينڊ مافيا جي طرفان قبضي جي ڪري تعميري ڪمن جي رڪجڻ جو سبب معلوم ڪرڻ کان پوءِ انتظاميه کي فوري طور تي تعمير جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي اي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر ظفر ، ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي مسعود عالم ۽ ٻيا به انهن سان گڏ هئا. ان موقعي تي انهن ميونسپل ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته اهي اسپتال جي مين روڊ سان رابطي جي لاءِ روڊ تعمير ڪرائين ته جيئن مريض آساني سان اسپتال پهچي سگهن.