اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن ريحان هاشمي ۽ جمال احمد ڪرڪيٽ ٽيم جي رانڌيگر سرفراز احمد جي گهر وڃي ڪري انهن جي گهر وارن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد به پيش ڪئي.
ڪراچي؛ 7 مارچ 2015
ايم ڪيو ايم جي حق پرست ميمبرن ريحان هاشمي ۽ جمال احمد سائوٿ آفريڪا جي خلاف شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد جي گهر وڃي ڪري انهن جي گهر وارن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد جو پيغام به پهچايو. انهن سرفراز احمد جي گهر وارن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته سرفراز احمد بهترين رانڌ جو مظاهرو ڪري پوري ملڪ جو نالو فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي. اسان دعا ڪريون ٿا ته سرفراز احمد سميت پوري ٽيم بهتر رانڌ جو مظاهرو ڪري ورلڊ ڪپ ڪٽي.