پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم هندو برادري کي انهن جي مذهبي ڏڻ هولي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.
لنڊن؛ 4 مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم هندو برادري کي انهن جي مذهي ڏڻ هولي تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان کي هڪ ٻئي جي مذهبي ڏڻڻ جو احترام ڪرڻ گهرجي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم مذهبي رواداري تي نه صرف يقين رکي ٿي بلڪه ان جي فروغ جي لاءِ به عملي طور تي ڪوشان آهي. اها ئي وجه آهي ته ايم ڪيو ايم هندو برادري سميت ملڪ ۾ وسندڙ تمام اقليتن جا ماڻهو شامل آهن. جناب الطاف حسين هندو برادري کي اپيل ڪئي ته اها پنهنجين عبادت گاهن ۾ ملڪ ۾ امن و امان جي قيام، مذهبي رواداري جي فروغ ۽ ايم ڪيو ايم جي حق پرستانه جدوجهد جي ڪاميابي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪري.