Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ بي بي سي جي نيوز رپورٽ ۾ لڳايل سمورن الزامن کي رڌ ڪري ڇڏيو.


متحده قومي موومينٽ بي بي سي جي نيوز رپورٽ ۾ لڳايل سمورن الزامن کي رڌ ڪري ڇڏيو.
 Posted on: 6/24/2015
متحده قومي موومينٽ بي بي سي جي نيوز رپورٽ ۾ لڳايل سمورن الزامن کي رڌ ڪري ڇڏيو.
ايم ڪيو ايم هڪ محب وطن سياسي جماعت آهي ۽ اها پاڪستان جي ڀائيچاري ۽ استحڪام تي مڪمل يقين رکي ٿي.
ماضي ۾ به جناح پور جي سازش سميت ڪيترائي الزام لڳايا ويا جيڪي سڀ ڪوڙا ثابت ٿيا. رابطا ڪميٽي.
لنڊن؛ 24 جون 2015 
            متحده قومي موومينٽ برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي جي نيوز رپورٽ ۾ لڳايل سمورن الزامن کي رڌ ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ محب وطن سياسي جماعت آهي ۽ اها پاڪستان جي ڀائيچاري ۽ استحڪام تي مڪمل يقين رکي ٿي. پنهنجي هڪ اعلاميي ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳايل الزام نوان نه آهن. ماضي ۾ به ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ ۽ ان جي اميج کي خراب ڪرڻ جي لاءِ ان تي جناح پور جي سازش سميت ٻيا ڪيترائي الزام لڳايا ويا جيڪي بعد ۾ ڪوڙا ثابت ٿيا. اهڙي طرح ڪجھ وقت اڳ نيٽو جي هٿيارن جي برآمدگي جو الزام به لڳايو ويو هوجنهن جي پاڻ آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ نيٽو ترديد ڪري ڇڏي هئي، اهڙي طرح ڀارت به ايم ڪيو ايم سان رابطن جي الزامن کي رڌ ڪري ڇڏيو آهي. پر ايم ڪيو ايم مخالف عناصر بار بار انهن الزامن کي ورجائي ايم ڪيو ايم جي ميڊيا ٽرائل تي بضد آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته بي بي سي جي لاءِ رپورٽ تيار ڪرڻ واري ان جي نمائندي ماضي ۾ به ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيتريون ئي رپورٽون نشر ڪيون آهن. جن کي ايم ڪيو ايم جي مخالفن ايم ڪيو ايم جي خلاف سياسي حربن ۽ ميڊيا ٽرائل جي لاءِ استعمال ڪيو ۽ ان نمائندي جي اها رپورٽ به ايم ڪيو ايم جي خلاف گذريل ڪيترن ئي سالن کان جاري ميڊيا ٽرائل جو حصو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اسان ان رپورٽ ۾ لڳايل سمورن الزامن کي بلڪل رڌ ڪريون ٿا ۽ سمجهون ٿا ته اها رپورٽ به پاڪستان ۽ دنيا جي نظر ۾ ايم ڪيو ايم جو اميج خراب ڪرڻ جي مهم جو هڪ حصو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اها ڳالھ قابل غور آهي ته بي بي سي هڪ برطانوي نشرياتي ادارو آهي . ان پنهنجي رپورٽ ۾ جيڪي الزام لڳايا آهن. انهن جو تعلق به بظاهر برطانيه ۾ ٿيندڙ تحقيقات سان آهي. پر دلچسپ ڳالھ اها آهي ته رپورٽ ۾ سامهون آندل سمورا الزام “ پاڪستاني ذرائع” جي طرفان لڳايا ويا آهن جنهن سان انهن الزامن جي حقيقت واضع ٿي وڃي ٿي. رابطا ڪميٽي چيو ته اها ڳالھ به قابل غور آهي ته بي بي سي جي مذڪوره رپورٽ جنهن رپورٽر تيار ڪئي آهي اهو نه ته بي بي سي جو نمائندو آهي ۽ نه ئي بي بي سي جو ملازم آهي بلڪه هڪ فري لانس صحافي آهي. جنهن ماضي ۾ به ايم ڪيو ايم جي خلاف درجنين خبرون چاپيون ۽ نشر ڪيون آهن. قابل ذڪر ڳالھ اها آهي ته مذڪوره صحافي گذريل ڪجھ سالن ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ بي شمار ملڪي ۽ بين الاقوامي نوعيت جي اهم ترين واقعن تي نه ته ڪائي رپورٽ تيار ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪائي ٽي وي اسٽوري نشر ڪئي آهي. پر ان دوران ان رپورٽر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳاتار خبرون ۽ ٽي وي رپورٽون سامهون اينديون رهيون آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ سياسي مخالفن تي ملڪ دشمني ۽ غداري جا الزام پاڪستان جي قيام کان پوءِ به لڳايا ويندا رهيا آهن ۽ ايستائين جو محترمه فاطمه جناح  کي به ڀارت جو ايجنٽ قرار ڏنو ويو هو ، جڏهن جو ( نيپ) کي  به ملڪ دشمن۽ ٻاهرين ايجنٽ جماعت قرار ڏيئي ڪري ان تي پابندي لڳائي وئي. رابطا ڪميٽي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو حق پرستي جو پيغام غريب پنجابي، بلوچي، پختون، سرائيڪي، ڪشميري، هزاري وال ۽ گلگتي بلتستاني عوام جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي رهيو آهي. سڄي ملڪ جا عوام ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿي رهيا آهن. اهڙي 
وقت ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف ان قسم جون گمراھ ڪن رپورٽون نشر ڪرڻ سڄي ملڪ جي مظلوم عوام کي ايم ڪيو ايم کان بدظن ڪرڻ جي هڪ سازش آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اسان کي يقين آهي ته ملڪ جا عوام ان قسم جي ڪوڙين ۽ بي بنياد رپورٽن کي اهڙي طرح ئي رڌ ڪري ڇڏيندا جهڙي طرح اهي ماضي ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف الزامن کي رڌ ڪندا رهيا آهن. رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي زور ڏنو ته اهي بي بي سي جي گمراھ ڪندڙ رپورٽ تي هرگز به ڪاوڙ ۾ نه اچن ۽ پرامن رهندي پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن. انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم جي خلاف اهو ميڊيا ٽرائل به ماضي وانگر پنهنجي منطقي انجام تائين پهچندو.

7/17/2024 11:09:27 AM