حق پرست سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم جي والد مرحوم ممتاز قانون دان محمد نسيم ايڊووڪيٽ کي ڊفينس جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڪراچي؛ 16 جون 2015
متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم جي والد ممتاز قانون دان محمد نسيم ايڊووڪيٽ کي ڊفينس جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جي جنازي نماز ڊفينس فيز 1 ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڪنور نويد جميل، عبدالحسيب، گلفراز خان خٽڪ ۽ عارف خان ايڊووڪيٽ کان علاوه سي اِي سي ميمبرن، ليگل ايڊ ڪميٽي، حق پرست اسيمبلي ميمبرن، ڪارڪنن، مرحوم جي مٽن مائٽن ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.