Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان جا مخير حضرات، واپاري ۽ عام شهري پنهنجي زڪوٰت ۽ فطرو ڪي ڪي ايف کي ڏين.ڊاڪٽر فاروق ستار.


پاڪستان جا مخير حضرات، واپاري ۽ عام شهري پنهنجي زڪوٰت ۽ فطرو ڪي ڪي ايف کي ڏين.ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 6/17/2015
پاڪستان جا مخير حضرات، واپاري ۽ عام شهري پنهنجي زڪوٰت ۽ فطرو ڪي ڪي ايف کي ڏين.ڊاڪٽر فاروق ستار.
ڪي ڪي ايف ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 17 جون 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم فلاحي ڪمن يا سياست ۾ ڏاڍ جي قائل نه آهي. ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن نه اڳ ڪڏهن ڪنهن سان ڏاڍ ڪيو آهي ۽ نه ئي هن ڀيري ڪندا. عوام پنهنجي مرضي ۽ خوشي سان ڪي ڪي ايف کي پنهنجي زڪوٰت ۽ فطرو ڏين ٿا.انهن خيالن جو اظهار انهن ڪي ڪي ايف ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪي ڪي ايف جو چيف ٽرسٽي ڊاڪٽر نصرت، ٽرسٽي احمد علي ۽ ارشد وهريٰ به انهن سان گڏ هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم وانگر ڪي ڪي ايف جو فلاحي ادارو به 37 سالن کان ملڪ جي غريب ۽ نادار ماڻهن جي خدمت ڪري رهيو آهي. ڪي ڪي ايف ملڪ جي سفيد پوش ماڻهن جي سفيد پوشي قائم رکڻ جي لاءِ جناب الطاف حسين جي هدايت ۽ رهنمائي ۾ خدمت ڪري رهيو آهي. ڪي ڪي ايف ايڌي فائونڊيشن کان پوءِ ملڪ جو ٻيو وڏو فلاحي ادارو آهي جنهن کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي. ان اداري کي 37 سال اڳ خدمت خلق ڪميٽي جي نالي سان جناب الطاف حسين بڻايو هو، جنهن ملڪ جي غريب عوام جي مدد شروع ڪئي هئي. انهن چيو ته رمضان شريف ۾ هر سال وانگر هن سال به ڪي ڪي ايف زڪوٰت ۽ فطرو گڏ ڪرڻ جو آغاز ڪري رهيو آهي. ڪي ڪي ايف 2005 جي بدترين زلزلي ، 2010 ، 2011 جي سيلاب متاثرن کي دوائون ۽ ٻيون شيون فراهم ڪرڻ ، آمريڪا ۾ ڪترينا طوفان ۽ انڊونيشيا۽ سريلنڪا ۾ 
سيلاب متاثرن جي امداد جي لاءِ ڪي ڪي ايف انهن جي سفارتخانن جي ذريعي وڏي امدادي رقم فراهم ڪئي هئي ۽ ملڪ ۾ به جتي قدرتي آفتون يا سيلاب آيا سڀني کان پهرين ڪي ڪي ايف جا رضاڪار اتي پهتا آهن. انهن چيو ته ڪي ڪي ايف کي ملندڙ ڪروڙين روپين جو باقائده ريڪارڊ تيار ڪيو وڃي ٿو. جيڪو عام شهرين جي معائني جي لاءِ ڪي ڪي ايف جي آفيس ۾ موجود آهي. ڪي ڪي ايف جي طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏا اسپتال، ڪراچي ۾ چار ليبارٽريون ۽ بلڊ بينڪ قائم ڪيا ويا آهن.انهن وڌيڪ چيو ته ڪي ڪي ايف جي طرفان غريب خاندانن کي هر مهيني وظيفا، روزگار اسڪيمون ۽ مستحق ماڻهن جي طبي امداد پورو سال جاري رهي ٿي. انهن چيو ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ ڪي ڪي ايف جي طرفان رمضان شريف جي آخري ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ هڪ وڏو پروگرام پوري دنيا جي سامهون آهي.انهن سڄي ملڪ ۾ وسندڙ مخير حضرات واپارين ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي زڪوٰت ۽ فطرو ڪي ڪي ايف کي ڏين. ان موقعي تي ڪي ڪي ايف حيدرآباد جي لاءِ جديد سهولتن سان آراسته چار ايمبولينسون به ٽرسٽي جي حوالي ڪيون ويون. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جو ڪم شهر ۾ امن و امان قائم رکڻ آهي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان شهر ۾ زڪوٰت ۽ فطري جي وصولي ۾ ڪنهن به قسم جو ٽڪراءُ سامهون نه آيو آهي. اها فلاحي اداري جي ذميواري آهي ته اهو ايمانداري سان پنهنجي امداد غريبن تائين پهچائي. ان موقعي تي ڪي ڪي ايف جي فلاحي سرگرمين تي ٻڌل سي ڊيون به صحافين کي فراهم ڪيون ويون.

7/17/2024 11:06:40 AM